پنج سال اڳ وارو حيدر آباد ناهي رهيو،ڪرپشن نه ٿيڻ گهرجي:گورنر

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان گڏ حيدرآباد جي دوري تي پهتو. ايم ڪيو ايم جي  ڪارڪنن سندس استقبال ڪيو. گورنر لطيف آباد نمبر 12، فتح چوڪ، حالي روڊ، ڪلاٿ مارڪيٽ لڳ سٽي ڪاليج، اليڪٽرونڪ مارڪيٽ ۽ ٻين هنڌن جو دورو ڪيو. گورنر سان گڏ ڊاڪٽر فاروق ستار،ايم ڪيو ايم جا حيدرآباد مان چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين اي موجود هئا، جڏهن ته ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر يا ايس ايس پي حيدرآباد به گورنر جي دوري دوران نظر نه آيو. گورنر مارڪيٽ ۾ شهرين سان ملاقات ڪري سندن مسئلا ٻڌا. گورنر شهر ڪجهه مخصوص علائقن جي دوري کانپوءِ هڪ مقامي هوٽل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حيدرآباد جي واپارين ۽ شهرين کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. صوبائي حڪومت هتي جي چيمبر وارن سان گڏجي ڪميٽي ٺاهي، نقصانن جو ڪاٿو لڳائي ۽ انهن نقصانن جو ازالو ڪري. هن چيو ته پنج سال اڳ وارو حيدرآباد ناهي رهيو، سنڌ حڪومت صوبائي ميمبرن کي ترقياتي فنڊ فراهم ڪري، وفاقي حڪومت هن سال ايم ڪيو ايم جي نمائندن وسيلي شهر جي ترقياتي رٿائن تي 10 ارب رپيا خرچ ڪندي. حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس جي صدر عديل صديق گورنر آڏو شڪايت ڪئي ته حيدرآباد هن سال 120 ارب رپيا ٽيڪس ادا ڪيو آهي  پر ان جي بدلي ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي. واپارين جي شڪايت تي گورنر چيو ته حيسڪو چيف جي ڪن مهٽ جي ضرورت آهي. گورنر چيو ته هو ڪرپشن خلاف سخت موقف رکي ٿو ۽ جتي به ترقياتي منصوبن ۾ ڪرپشن ٿي آهي اتي منصفاڻي احتساب کي يقيني بڻايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.