پهرين کنڊ برآمد ڪري نفعو ڪمايو ٿا پوءِ اگهه وڌائڻ لاءِ درآمد ڪريو ٿا: پي اي سي

اسلام آباد(بيورو/ م ڊ) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي حڪومت جي فيصلي جي روشني ۾ کنڊ جي درآمد تي ٽيڪس رعايت جي منظوري جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي ۽ وضاحت لاءِ فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جي چيئرمين کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان پي اي سي جو اجلاس جنيد اڪبر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ کنڊ جي درآمد ۽ برآمد جو معاملو بحث هيٺ آيو، چيئرمين جنيد اڪبر چيو ته پهرين کنڊ برآمد ڪري منافعو ڪمائين ٿا، برآمد جي نتيجي ۾ کنڊ به مهانگي ٿي وڃي ٿي، پوءِ کوٽ جو رڙيون ڪري ۽ اگهن کي مستحڪم ڪرڻ جي نالي تي وري کنڊ درآمد ڪئي وڃي ٿي،  هي راند ڪيترين ڏهاڪن کان جاري آهي، معين عامر چيو ته هي معاملو بار بار ٿي رهيو آهي، کنڊ جي معاملي تي اسان کي قدم کڻڻ گھرجي، ثناءُالله مستي خيل چيو ته هي عمل عوام جي کيسن تي ڌاڙو آهي، هي ڪجهه ماڻهن کي نوازڻ جو هڪ طريقو آهي، هتي صرف مافيا کي فائدو پيو ڏنو وڃي ۽ غريب عوام کي تڪليف ۾ وڌو پيو وڃي، جنيد اڪبر چيو ته کنڊ جي درآمد تي ٽيڪس رعايت جي منظوري بابت ايندڙ اجلاس ۾ ايف بي آر جي چيئرمين راشد محمود لنگڙيال کي گهرائبو، ياد رهي ته جولاءِ جي شروعات ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ڊبل سينچري پوري ڪري ورتي هئي، حڪومت گذريل سال جون کان آڪٽوبر 2024 تائين 7 لک 50 هزار ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، جڏهن ته گذريل مهيني 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، آءِ ايم ايف طرفان ٽيڪس رعايت جي اجازت نه ملڻ سبب حڪومت کنڊ جي درآمد روڪي ڇڏي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.