حميد سنڌوءَ کي الواداعي ڀيٽا

تحرير: ظهير ميراڻي

سنڌي صحافت کي پنهنجي  زندگي ارپيندڙ سينيئر ساٿي ، مانواري ڀاءُ ۽ ھڪ مخلص صحافي حميد سنڌو به  سنڌ کان ھميشـ لاءِ موڪلائي ويو آھي ـ  ھو ھڪ مڪمل پيشور ۽ خود دار صحافي ھو جنهن  جي زندگي ميڊيا جي آفيسن ۽ گھر جي وچ ۾ گذري وئي ـ ان کان  سواءِ سندس ٻي ڪا به "دنيا "نه ھئي ـ زندگي جي لاھن چاڙھن ۽ گردشن جي باوجود ھن نه مايوسين ۽ محرومين کي ڳلي لاتو ۽ نه ئي وري  دوستن ۽ پراڻن ساٿين کي ڪڏهن  وساريو ـ وقت ڪھڙو به آيو پر  ھميشـه رابطي ۾ رھيو ـ

تازو 21 جون 2025 تي ھن فون تي تفصيلي ڪچھري ڪئي ۽ زماني جا خوب حال احوال ڪيا ـ خبر نه ھئي تـ ھي ڪچھري آخري ثابت ٿيندي  ۽ سندس زندگي جي  شام اچي ويندي ـ  افسوس ٿيو  پروگرام موجب روبرو ملاقات نه ٿي سگھي ـ اڄ خبر پئي تـ ھو دنيا مان اوچتو موڪلائي ويو ـ سنڌي ميڊيا ۾ سندس محنتن ، قربانين  ۽ تڪليفن کي ھميشـ ياد رکيو ويندو ـ

ھن  قحط الرجال ۽ نفسا نفسي جي دور ۾ ھڪ ھڏ ڏوکي ۽ سنڌ دوست صحافي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻئي ڪھڙي مھانتا ٿي سگھي ٿي  ـ   بس ھاڻي حميد جي مئي پڄاڻان  شاھ سائين جي لفظن ۾ اھو ئي چونداسين تـ  ” سکر سي ئي ڏينهن  جي گھاريا  مون بند ۾   ”

بس خوب ٿيو ، قصو تمام ٿيو ـ اڄ ھو زندگي ۾ ناھي رھيو ـ   ڊيسڪ ويران آھي ـ وڌيڪ بس ٻـ لڙڪ ئي لاڙي سگجھن ٿا ـ  سندس ڪل ڪائنات پنهنجو پٽ حسنين ئي ھو جنهن سان ھن  جون بيپناھ  محبتون ھيون ـ ھو حسيني ھو ۽ حيدري ھو ـ  ھن حسنين جي ارپنا به انھن جي نالي سان ئي ڪئي ـ  حميد جي المناڪ وڇوڙي تي دلي صدمي جو اظھار ڪندي حسنين لاءِ دعاڳو آھيان ـ ھميشـه  پنجتن پاڪ جي ڇانو ۾ ھوندو ـ ـ ـ !

(سوشل ميڊيا پوسٽ)

سنڌي صحافت کي پنهنجي  زندگي ارپيندڙ سينيئر ساٿي ، مانواري ڀاءُ ۽ ھڪ مخلص صحافي حميد سنڌو به  سنڌ کان ھميشـ لاءِ موڪلائي ويو آھي ـ  ھو ھڪ مڪمل پيشور ۽ خود دار صحافي ھو جنهن  جي زندگي ميڊيا جي آفيسن ۽ گھر جي وچ ۾ گذري وئي ـ ان کان  سواءِ سندس ٻي ڪا به "دنيا "نه ھئي ـ زندگي جي لاھن چاڙھن ۽ گردشن جي باوجود ھن نه مايوسين ۽ محرومين کي ڳلي لاتو ۽ نه ئي وري  دوستن ۽ پراڻن ساٿين کي ڪڏهن  وساريو ـ وقت ڪھڙو به آيو پر  ھميشـه رابطي ۾ رھيو ـ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.