وڏي وزير پاران شاگردن ۾ 300 گوگل ڪروم بڪس ورهايا ويا

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ نئين تعمير ڪيل عمارتن جي افتتاحي تقريب ۽ پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ ڪروم بڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت هن مالي سال ۾ سرڪاري يونيورسٽين لاءِ 42 ارب رپيا رکيا آهن جيڪي ٻين سڀني صوبن کان وڌيڪ آهن، اسان رڳو شاگردن کي تربيت نٿا ڏئي رهيا آهيون پر اسان هڪ ناليج اڪانامي جوڙڻ طرف وڌي رهيا آهيون ۽ سماجي ترقي کي ممڪن بڻائي رهيا آهيون. پي آءِ ٽي پي ان جو روشن مثال آهي ته جڏهن سرڪاري يونيورسٽين تي اعتماد ڪيو وڃي ۽ انهن کي بااختيار بڻايو وڃي ته اهي ڪهڙا غيرمعمولي نتيجا ڏئي سگهن ٿيون، وڏي وزير  پي آءِ ٽي پي ۾ اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ شفاف ۽ ميرٽ بيسڊ طريقيڪار تحت 300 گوگل ڪروم بڪس / ليپ ٽاپس ورهايا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.