قمبر ( ن ع آ ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي قمبر ۾ زمينن جي نيلامي، نون ڪينالن جي اڏاوت خلاف، ارسا جي اختيارن کي صوبن حوالي ڪرڻ، اظھار راءِ جي آزادي مٿان پيڪا ايڪٽ تحت پابندي، پاڻي ناڻي جي غير منصفاڻي ورڇ، ڌارين جي آبادڪاري، قبيلائي دھشتگردي ۽ بدامني خلاف عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري وڪيل ساجد مهيسر، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، ضلعي صدر امداد پٺاڻ، نائب صدر عرفان منان، جنرل سيڪريٽري محبوب راهوجو، عبدالنبي بروهي، ساگر مشتاق، محسن رضا، مقبول راهوجو، مختيار راهوجو، الاهي بخش مغيري، منير مڱڻهار، احمد نظير مگسي، اي ڪي چانڊيو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو وقت جا حڪمران ڪرسي خاطر سنڌ جي زمينن ۽ درياءُ جو سودو ڪري پنهنجا وقتي مفاد ماڻي قوم سان غداري ڪري رهيا آهن، اهڙي عمل خلاف عوامي تحريڪ صف اول ٿي سنڌي قوم جو ڪيس کڻي جهرجهنگ، ڳوٺ ۽ شهر عوام کي بيدار ڪندي رهي ٿي، سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن جي تيل والي خلاف سياسي جدوجهد وسيلي سنڌ جي عوام سوڀون حاصل ڪيون آهن پر اڃان جدوجهد کي سگهارو ڪرڻ جي گهرج آهي. اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته سنڌ کي ڌاڙيلن جو مرڪز بنائي ماڻهن کي روز مارو ۽ ڦريو وڃي ٿو، جنهن ۾ پوليس، وڏيرا ۽ ڪامورا ڌاڙيلن ۽ ڪاٽڪن جا سهولتڪار بنيل آهن. انهن سڀني وبائن مان جان آجي ڪرائڻ لئه ماڻهن کي سجاڳ ٿي پنهنجي حقن جي وارثي لئه اڃان به منظم انداز سان سياسي جدوجهد ڪرڻي پوندي…