اسلام آباد(م ڊ) فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف پي سي سي آءِ) چيو آهي ته سڄي ملڪ جي ڪاروباري برادري فيصلو ڪيو آهي ته اڄ هڙتال نه ڪئي ويندي، ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام شيخ ڪاروباري برادري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوري پاڪستان جي ٽريڊ باڊيز اسان سان گڏ آهي، فيڊريشن ڪنهن سان به وڙهڻ يا جهيڙو ڪرڻ نٿي چاهي، اسان چاهيون ٿا ته ڳالهيون ڪري مسئلا حل ڪيا وڃن، فنانس ايڪٽ جي مختلف ترميمن تي اسان جا تحفظات هئا، حڪومت فنانس ايڪٽ جي آرٽيڪل 37 اي تي نظرثاني ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، هن معاملي تي چار رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي ۽ فنانس ايڪٽ جي آرٽيڪل 40 بي تي به نظرثاني جو اعلان ڪيو ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف انهن تجويزن جي حتمي منظوري ڏيندو، تنهنڪري سڄي پاڪستان ۾ هڙتال نه ٿيندي، ممڪن آهي ته هڪ يا ٻه هنڌن تي هڙتال ٿئي، ان موقعي تي ايف پي سي سي آءِ جي سينيئر نائب صدر ثاقب فياض مگون چيو ته گوجرانوالا ۽ ڪوئيٽا، ڪراچي، لاهور ۽ فيصل آباد چيمبرز آف ڪامرس جا نمائندا به اجلاس ۾ شريڪ هئا، ڪاروباري برادري فيصلو ڪيو آهي ته هڙتال نه ڪئي ويندي، ڇو ته حڪومت ۽ ڪاروباري برادري جي وچ ۾ موجود اختلاف ختم ٿي چڪا آهن، انجمن تاجران جي صدر اجمل بلوچ چيو ته هن وقت ملڪ گير هڙتال جي ضرورت ناهي، ڇو ته واپاري برادري جا مسئلا گڏيل آهن، هارون اختر چار نقطن تي مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، حڪومت سان چار ڪلاڪ ڳالهيون ڪيون ويون آهن، وزيراعظم هارون اختر کي مسئلا حل ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي، جيڪڏهن مسئلا حل نه ٿيا ته هڙتال ڪنداسين.