76ملڪن ۾ 21 هزار 406 پاڪستاني شهري قيد هئڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)وزارتِ سمندر پار پاڪستانين انڪشاف ڪيو آهي ته 76 ملڪن ۾ 21 هزار 406 پاڪستاني شهري جيلن ۾ قيد آهن، سينيٽ جي سمنڊ پار قائما ڪميٽي پاڪستانين جو اجلاس سينيٽر ذيشان خانزادا جي صدارت ۾ ٿيو، جتي وزارت جي عملدارن ٻڌايو ته 76 ملڪن ۾ قيد ٿيل پاڪستانين جي مجموعي تعداد 21 هزار 406 آهي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سڀ کان وڌيڪ 10 هزار 423 پاڪستاني سعودي عرب ۾ قيد آهن، جڏهن⁠ ته ٻي وڏي تعداد، 5 هزار 297 پاڪستاني، متحده عرب امارات جي جيلن ۾ قيد آهن، وزارت موجب، ترڪي ۾ هڪ هزار 437 ۽ ڀارت ۾ 738 پاڪستاني قيد آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اڃا تائين 14 ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانن کان مڪمل ڊيٽا حاصل نه ٿي سگهي آهي.

، جڏهن⁠ته ڪيترائي پاڪستاني صرف جرمانو ادا نه ڪرڻ سبب جيلن ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.