فيض گنج (ن ع آ) فيض گنج تعلقي جي ڳوٺ خانڻ جي ڀٽَ ۾ جهيڙي دوران ڪهاڙين جا وار ڪري نوجوان سرتاج علي پٽغوث بخش راڄپر کي قتل ڪيو ويو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته واقعي پويان پراڻو تڪرار هجڻ جو شڪ آهي، جڏهن ته قتل کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، سرتاج راڄپر جي وارثن جو چوڻ آهي ته هنن سان وڏو ظلم ٿيو آهي ۽ قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.