پنجاب ۾ وڌيڪ 15 ماڻهو فوت، راولپنڊي ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار

لاهور (بيورو/ م ڊ) پنجاب ۾ برساتي سسٽم ڪمزور ٿي ويو، چڪوال سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ تباهي جا نشان ڇڏي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 15 ماڻهو فوت ٿي ويا، اين ڊي ايم اي جي مطابق ملڪ ۾ مجموعي فوتگيون 193 ٿي ويون آهن، جڏهن ته 20 جولاءِ کان پنجاب ۾ ٻيهر برسات جو امڪان آهي ۽ سنڌ ۾ سڀاڻي کان وري بادل وسندا، چڪوال ۾ 423 ملي ميٽر برسات تباهي آڻي ڇڏي، ڪيترن ئي ڳوٺن مان خشڪي جو نالو نشان به نه بچيو، جڏهن ته ٻوڏ جو تيز وهڪرو روڊن ۽ پلن کي به ساڻ کڻي ويو، ريناله خورد ۾ ڇت ڪرڻ سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته پيءُ ۽ ٻن ٻارن سميت چار ماڻهو زخمي ٿي پيا، ڀوانا ۾ به هڪ ماڻهو جان وڃائي ويٺو، پتوڪي، رائيونڊ ۽ منچن آباد ۾ 14 ماڻهو زخمي ٿي پيا، دنياپور، فيروزوالا ۽ حافظ آباد ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته 10 ورهين جو ٻار سيم نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويو، منڊي بهاوالدين جيل جي ڀت ڪرڻ سبب برسات جو پاڻي قيدين جي بيرڪن تائين پهچي ويو، ملڪوال ريلوي ڪالوني ۾ ڪيترن ئي ڪوارٽرن جون ڀتيون ڪري پيون، درياءِ راوي ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿي وئي، ننڪانه صاحب ۾ 3 ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو، راولپنڊي ۾ گذريل ڏينهن طوفاني برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال برقرار رهي، شهر جي مختلف علائقن ۾ 4 ماڻهو برساتي نالن ۾ ٻڏي ويا، جن مان 3 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا، جن ۾ 7 ورهين جو ٻار به شامل آهي، ندي نالن ۾ چاڙهه سبب انتظاميه شهر ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي، جڏهن ته نالي لئي به پاڻي سان ڀرجي ويو، طوفاني برسات سبب 20 ڳوٺن جو اڊيالا روڊ سان رابطو ڪٽجي ويو، ڪيترائي گاڏيون به ٻوڏ جي پاڻي ۾ وهي ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.