ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ سانحي قلات ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي نمازِ جنازي ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ مختلفشعبن سان لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي، گذريل ڏينهن قلات ويجهو مسافر بس تي دهشتگردن جي فائرنگ دوران شهيد ٿيندڙ قوالن جي نمازِ جنازي ڪي ايم سي گرائونڊ، پي آءِ بي ڪالوني ڪراچي ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي ۾ سينيئر صوبائي وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري، نهال هاشمي، تحريڪ انصاف جي حليم عادل شيخ ۽ امير جماعت اسلامي ڪراچي منعم ظفر سميت ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ وارثن سان ايڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو.