عدليا ڪلائيميٽ چينج تي ڪو تحرڪ نٿي وٺي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ڪلائيميٽ چينج سبب موت انسانن ڏانھن، دنيا ڏانھن وڌي رھيو آھي ۽ اسين لاتعلق آھيون، چائنا، آمريڪا، ھندستان ۽ ٻيا طاقتور ملڪ ماحول جي حوالي سان دنيا کي تباھ ڪري رھيا آھن، ڪينسر ۽ ٻيون بيماريون وڌڻ جي ڪري، ٻوڏن جي ڪري ماڻھو مرندا،  اسان وٽ انتھاپسند امن جي پاليسين، ڪرپٽ ماڻھو ديانتداري تي، قاتل انساني حقن جي پاليسين تي ڳالھائين ٿا، اسان وٽ قانون تي عمل ناھي، ڪئنال ۽ ڊيم ماحول تي وڏو حملو آهي، پاڻي روڪڻ سان ھيٺ وارا علائقا، زراعت ۽ زندگي ختم ٿي ويندي، حڪومت کي سائيڪلون ھلائڻ لاءِ مھم ھلائڻ گھرجي. وڻڪاري لاءِ مھم ھلائڻ گھرجي. عدليا ڪلائيميٽ چينج تي ڪو تحريڪ نٿي وٺي، وڻن جي واڍي، ٻيلن جي تباھي ۽ گندگي خلاف عوام عدالت ۾ وڃي.، ٻي پاسي قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي اجلاس اڄ صبح 9 وڳي اياز لطيف پليجو جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.