اسلام آباد) م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل قومي اسيمبلي مان استعفيٰ جو اعلان ڪندي ايون کي رياستي بيحسي ۽ ڏيکاءُ واري سياست جو مثال قرار ڏنو آهي۔ هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن بلوچستان تي ظلم جي ڳالهه ڪرڻ کي گناهه ڪبيرا سمجهيو وڃي ۽ ڳالهائڻ تي مائڪ بند ڪيو وڃي،ته اهڙي ايون ۾ ويهڻ جو ڪهڙو فائدو؟ مان چپ نٿو رهي سگهان، ۽ جيڪڏهن سچ ڳالهائڻ ڏوهه آهي ته پوءِ مان ان ڏوهه تي فخر ڪريان ٿو. هن واضح ڪيو ته هي فيصلو سندس پارٽي جو نه پر ذاتي آهي، جنهن ۾ نه پارٽي کي اعتماد ۾ ورتو ويو، نه ئي خاندان کي۔ سندس چوڻ هو هي منهنجي ضمير جو بار هو، جيڪو اڄ مون لاهي ڇڏيو آهي، ۽ هاڻ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪري رهيو آھيان۔ هن وڌيڪ چيو ته جڏهن 335 اسيمبلي ميمبر بلوچستان تي ٿيندڙ زيادتين تي خاموش رهن ته پوءِ اهي 19 بلوچ ميمبر به سوالن جي زد ۾ اچن ٿا. اختر مينگل چيو ته هو رڳو صدارتي چونڊ لاءِ اسيمبلي آيو، جتي هن محمود خان اچڪزئي کي ووٽ ڏنو، ڇو ته هو به سندس وانگر مظلوم آهي۔ مون اسپيڪر، وزيراعظم، ڊپٽي اسپيڪر ڪنھن کي ووٽ نه ڏنو، ڇو ته انهن سڀني کي آزمائي چڪو آھيان.هن ٻڌايو ته هو اردو ۾ ڳالهائيندو هو ته جيئن سڀ سمجهي سگهن، پر ان جي باوجود سندس ڳالهيون ايون کي ناپسند ٿينديون هيون۔ مون کي چيو ويو ته جيڪڏهن اهڙيون ڳالهيون ڪندين ته ايندڙ چونڊن ۾ توکي موقعو نه ڏنو ويندو۔ موقعو ھن ڀيري به مليو، پر اھو ڪو احسان وارو موقعو نه هو، 65 هزار ووٽن سان کٽڻ بلوچ عوام جي طاقت جو اظهار آهيئهن الزام لڳايو ته سياسي پارٽيون جڏهن حڪومت ٺاهڻ يا ڊاهڻ لاءِ نمبر پوريون ڪرڻ چاهين ٿيون، ته بلوچستان اچي معاهدا ڪن ٿيون، پر جيئن ئي مقصد پورو ٿئي ٿو، ته اکيون ڦيري ڇڏين ٿيون۔ اسان کي بار بار استعمال ڪيو ويو، ڌوڪو ڏنو ويو، پر ھي آخري ڀيرو ھو۔اختر مينگل چيو ته هو ميڊيا، عدليه ۽ سياسي قيادت سڀني کي هڪجهڙو ذميوار سمجهي ٿو۔ جن به بلوچستان تي ٿيندڙ زيادتين تي اکيون بند ڪيون، سي سڀ ڏوهاري آهن۔ صرف اسٽيبلشمينٽ نه، جمهوريت جا دعويدار به شريڪ ڏوهاري آهن.هن چيو ته هاڻ هو واپس وڃي پنهنجي ماڻهن کي سچ ٻڌائيندو ته جن جي اڳيان اسان بين وڄائي رهيا هئاسين، اهي نه ڳئون هئا نه ڏاند، پر اسپين جا جنگي ڏاند (Spanish bull) هئا، جيڪي رڳو ٽڪر ڏين ٿا۔ اسان تباھ ٿي وياسين، پر انهن جا ضمير نه جاڳيا.محمود خان اچڪزئي جي قومي اسيمبلي ۾ موجودگي تي اختر مينگل چيو ته هو صبر ۾ شايد مون کان بهتر آهي، مان بي صابر آهيان۔ پر منهنجي اها بي صبري بيمعنيٰ ناهي، ان جي پويان اهي حالتون آهن جن مون کي هن مرحلي تائين پهچايو۔