ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پاران مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمٰن جي اپيل تي حڪومت پاران ڏيڍ مهيني ۾ ٽيون ڀيرو عوام مٿان پيٽرول اسمن جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪرڻ خلاف ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان ڏس ۾ جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻو، سکر، حيدرآباد، سيٺارجا، ٽنڊوآدم، ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار، مٽياري، ٽنڊومحمد خان، بدين ۽ ٺٽي سميت مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي حڪمرانو شرم ڪريو، مهانگائي ختم ڪرڻ بدران غريبن کي ختم ڪرڻ جا منصوبا بند ڪريو، آءِ ايم ايف جي سرڪار نامنظور جا نعرا لکيل هئا، مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حڪومت پنهنجا اجايا خرچ ۽ ججز، جرنيلن، بيوروڪريسي، وزيرن مشيرن کي مليل مُفت جون مراعاتون ختم ڪرڻ بدران آءِ ايم ايف جي اشارن تي پيٽرول، ڊيزل توڙي گيس ۽ بجلي کان ويندي.کنڊ تائين هر شيءِ تي ڳرا ٽيڪس لڳائي اگهن ۾ واڌ ڪري عام ماڻهوءَ کي جيئري دفن ڪري ڇڏيو آهي، موجوده حڪومت عوام جي ووٽن سان نه پر اسٽيبلشيمنٽ ۽ آءِ ايم ايف جي سهولتڪاري سان بيٺل آهي انڪري هوءَ عوام کان انتقام پئي وٺي.