دھشت جي علامت بدنام ڌاڙيل ملوڪ عرف وِڇُون چانڊيو مارجي ويو

دادو(رپورٽ: غوث جھتيال)دادو جي ڪاڇي واري علائقي ۾ دھشت جي علامت بڻيل، سالاري پوليس اسٽيشن جي حد ۾ خطرناڪ ۽ بدنام ڌاڙيل ملوڪ عرف وڇون چانڊيو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، ان حوالي سان ايس ايس پي دادو رٽائرڊ ڪئپٽن امير سعود مگسي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته بدنام ڌاڙيل ملوڪ عرف وڇون چانڊيو تي سنڌ حڪومت پاران لڳ ڀڳ 50 لک روپيه انعام رکيو ويو ھو، ھي ڌاڙيل ضلع قمبر شھدادڪوٽ  جو رھواسي هو، جنھن ڪجھه عرصي کان خيرپورناٿن شاھ تعلقي جي حدن ۾ پنھنجو ديرو ڄمايو ھو، هو 50 کان وڌيڪ خطرناڪ ڪيسن ۾ گھربل آھي، ڳجهي اطلاع تي پوليس ڏوھارين جو گھيرو تنگ ڪيو نتيجي ۾ بدنام ڌاڙيل پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، جيڪا دادو پوليس جي وڏي ڪاميابي آھي، ان دوران ايس ايس پي دادو پاڪستان زنده آباد سنڌ پوليس زنده آباد جا نعرا ھنيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.