9 مئي واقعو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت وڪيل جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

 ڪراچي(رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت سينٽرل جيل ڪمپليس ۾ 9 مئي سانحي جي ٽن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ پي ٽي آءِ  سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، خرم شير زمان،راجا اظهر ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا، قومي اسيمبلي جو اڳوڻوميمبر جوابدار فهيم خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو، وڪيل شجاعت علي خان عدالت کا استدعا ڪئي ته فهيم خان مصروفيت سبب پيش نه ٿيو ۽ ان کي استثنيٰ ڏني وڃي، عدالت بچاءُ واري وڪيل جي درخواست منظور ڪندي ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي، عدالت پاران اڳوڻي ميمبر اسيمبلي عديل خان کي 9 مئي سانحي جي ڪيسن ۾ اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي، جوابدارن خلاف فيروز آباد، مبينه ٽائون، شاھه فيصل ۽ نيو ٽائون ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.