پئٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ گاڏين تي نئين انرجي وھيڪل ليـوي لاڳو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي بورڊ آف ريونيو ايف بي آر پئٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ گاڏين تي نئين انرجي وھيڪل ليـوي لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب، 1300 سي سي کان ننڍين مقامي يا درآمد ٿيل ڪار، پک اپ، بسن ۽ ٽرڪن تي 1 سيڪڙو انرجي وھيڪل ليـوي لڳائي وئي آهي. 1300 سي سي کان 1800 سي سي تائين جي گاڏين تي 2 سيڪڙو ليـوي لاڳو ڪئي ويندي، جڏهن ته 1800 سي سي کان وڏي گاڏين تي 3 سيڪڙو ليـوي لاڳو ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.