پيپلز پارٽي برساتن ۽ ٻوڏن کي به ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار،مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح، مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجو ۽ منصور ٻپڙ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته حڪومتي نااهليءَ ۽ ڪرپشن سبب برساتن جي رحمت عوام لاءِ مصيبت بڻجي وئي آهي. آبپاشي کاتي ۽ لوڪل گورنمينٽ جا فنڊ ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن، پيپلز پارٽي سرڪار فنڊ هڙپ ڪرڻ لاءِ هٿ وٺي شهرن ۽ ڳوٺن کي ٻوڙايو آهي، برساتن سبب فوت ٿيلن جي وارثن کي گهٽ ۾ گهٽ 50 لک روپيا معاوضو ڏنو وڃي، حڪومتي نااهليءَ سبب والدين جي شفقت کان محروم ٿيندڙ يتيم ٻارڙن کي تعليم مڪمل ڪرڻ ۽ روزگار ملڻ تائين ماهوار وظيفو ڏنو وڃي. هنن  چيو ته پيپلز پارٽي اغوا انڊسٽري جيان برساتن ۽ ٻوڏن کي به ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.