حيدرآباد ۾ پيل برسات شهر جو حليو بگاڙي ڇڏيو،هيٺانهن علائقن ۾ پاڻي بيٺل

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقي ۾ سومر واري ڏينهن پيل طوفاني برسات شهر جي حالت خراب ڪري ڇڏي آهي، شهر جا مک چوراها، روڊ ۽ هيٺياهين وارا اڪثر علائقا اڃا تائين برساتي پاڻي سان ڀريا پيا آهن، ماڻهن جي گهرن ۾ پاڻي بيهي وڃڻ ڪري سندن فرنيچر ۽ ٻئي گهريلو سامان کي سخت نقصان پهتو آهي، جنهن ڪري رهواسي سخت پريشان ٿي ويا آهن، ريلوي ڪالوني ۾ گوڏي جيڪو پاڻي گهرن ۾ بيهڻ ڪري ماڻهو مجبور ٿي گهر ڇڏي ٻئي هنڌ منتقل ٿي ويا آهن، شهرين جي ايڏي وڏي تڪليف جي باوجود انتظاميا اڃا تائين برساتي پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ناهي ڪري سگهي، جڏهن ته روڊن تي پاڻي بيهڻ ڪري ٽريفڪ جو نظام پڻ سخت متاثر ٿيو آهي، روڊن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گاڏيون ڦاسي پون ٿيون، پاڻي بيهڻ ڪري روڊن ۾ کڏا پئجي ويا، حيدرآباد جي فتح چوڪ تي ميرپورخاص ڏانهن ويندڙ روڊ تي پڻ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، آٽوڀان روڊ، فقير جو پڙ، پنجراپور، لطيف آباد ۽ قاسم آباد جا مختلف علائقا پڻ پاڻي سان ڀريا پيا آهن، شهر جي ڊرينيج جو نظام بند هجڻ ڪري هڪ ڪلاڪ جي پيل برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو ۽ پاڻي روڊن ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيو، اربين روپين جي بجيٽ رکندڙ هي شهر ننڌڻڪي هجڻ جو چٽو ثبوت ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته برسات پوڻ شرط بجلي بند ٿي وئي، سوين فيڊر ٽرپ ٿي ويا هئا، جيڪي آخري اطلاعن تائين تائين بحال ناهن ٿي سگهيا، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 24 ڪلاڪن کان به وڌيڪ وقت تائين بجلي بند رهي، جنهن ڪري ماڻهن وٽ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. جڏهن ته حيدرآباد جو ميئر توڙي لاڳاپل عملدار رڳو پاڻي ۾ بيهي فوٽو سيشن ڪرڻ ۾ پورا آهن، عملي طور تي هي شهر ٿوري ئي برسات پوڻ سبب ٻڏي ويو، شهر جي دڪانن ۾ پاڻي بيهڻ سبب شهر مڪمل طور تي کلي نه سگهيو ۽ ڪاروباري زندگي پڻ سخت متاثر ٿي. هوڏانهن طوفاني برسات سبب شهرين جي گهرن جون ڀتيون، ڇپرا ڪري پيا، سولر پليٽون ۽ فروٽ وارا وڻ ڪري اڏامي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.