شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي ) شڪارپور شھر جي ٽول پلازہ ويجھو خانپور انڊس ھاء وي تان موٽر سائيڪل سوار ھٿيار بندن شھداد ڪوٽ کان ڪشمور موٽر سائيڪلون کڻي ويندڙ مزدا کي ھٿيارن جيزور تي روڪي مزدا ۾ سوار خان جان مزراي آصف علي مزاري کي ڊرائيور سميت يرغمال بڻائي موبائل فونون روڪ رقم ھزارين روپيا ڦر ڪري موٽر سائيڪلن سان ڀريل مزدا ڪاھي فرار ٿي ويا ھٿيار بندن ڦر دوران مزدا ۾ سوار ماڻھن کان پيرن ۾ پيل جتيون ۽ ٽوپيون به لھرائي ورتيون واقعي جي اطلاع تي خانپور پوليس انڊس ھاءِ وي جي ناڪا بندي ڪرائي انڊس ھاء وي تي قائم ٿيل پوليس پڪٽن کي الرٽ ڪري چڏيو واقعي جي ڪجھ منٽن بعد ھٿياربند ڦر ڪيل مزدا سميت مرزا ٻنڍو وٽ پھتا ته پڪٽ تي موجود اھلڪارن کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن بعد ھٿياربندن پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني پوليس مقابلي دوران گوليون لڳڻ سبب خانپور پوليس موبائل وين جو ڊرائيور مير محمد ميمڻ موقعي تي شھيد ٿي ويو جڏھن ته ھڪ اھلڪار صدام شر روڊ تي فائرنگ دوران ڪري زخمي ٿي پيو ھٿياربند فائرنگ ڪندا ڪوٽ شاھ جي ڪچي طرف فرار ٿي ويا آھن واقعي بعد شھيد پوليس اھلڪار جو لاش پوسٽ مارٽم لاء اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد شھيد جو مڙھ پوليس ھيڊ ڪواٽر آڻي غسل ڏنو ويو شھيد جي جنازي نماز پوليس هيڊ ڪواٽر پوليس لائين ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺھاڻ ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ رينجرس جي اعلا عملدارن پوليس اھلڪارن شھرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنازي نماز بعد شھيد اھلڪار کي سرڪاري اعزاز سان سلامي ڏني وئي جنھن کانپوء مڙھ کي ڳو ٺ نيو ويو جتي کيس اباڻي قبرستان ۾ آلين اکين سان تدفين ڪئي وئي آھي ھوڏانھن واقعي بعد ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺھاڻ ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ ڪوٽ شاھو جي ڪچي ۾ رينجرس جي مدد سان ڪمالاڻي جتوئي ۽ سعدخاناڻي جتوئي برادري جي ڏوھارين خلاف پوري ضلعي جي نفري طلب ڪري بڪتر بند گاڏين سان آپريشن شروع ڪيو اي پي سي چين ء ڪپي مشين جي مدد سان ڏوھارين جا گھر ۽ ٿاڪ ڊاھي پٽ ڪري چڏيا اھن ڪيترن ئي ٿاڪن کي باھيون ڏئي ساڙيو ويو آھي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر افتاب پٺاڻ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته امن امان جي صورتحال کي بھتر ڪرڻ لاء ڪوششون ڪيون پيون وڃن عوام جي حفاظت لاء پوليس جا جوان پہنجي جان جو نظرانو ڏئي ڏوھارين سان وڙھي رھيا اھن شھيد اھلڪار جو خون رائيگان نہ ويندو واقعي ۾ ملوث ڏوھاري ھر صورت گرفتار ڪيا ويندا
-
ڌاڙيلن ٽوپيون ۽ پيرن ۾ پيل جُتيون به ڦري ويا:خان جان مزاري
شڪارپور: مزدا ۾ موٽر سائيڪلون کڻي ويندڙ متاثر خان جان مزاري عوامي اواز کي واقعي بابت ٻڌايو ته شھداد ڪوٽ کان ڪشمور موٽرسائيڪلون کڻي وڃي رھيا ھئا سون تهٽول پلازہ ويجھو بيد مشڪ وڻن جي آڙ وٺي بيٺل موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي روڪي اسان کان موبائل روڪ رقم ڦر ڪري اسان کان ٽوپيون ۽ پيرن ۾ پيل جتيون به لھرايون ان کان پوءِ موٽر سائيڪلن سان ڀريل مزدا به ڪاھي فرار ٿي ويا اسان بر وقت پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس حد بندي سبب اسان کي پريشان ڪندي رھي ھن چيو ته مزدا گاڏي ۾ ڇهه عدد ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل ۽ نو عدد سي ڊي موٽر سائيڪلون گاڏي ۾ رکيل ھيون ھن وڌيڪ دانھيندي چيو تہ جنھن پڪٽ تي ڏوھارين جو مقابلو ٿيو ان کانپوءِ ھڪ ٿاڻو چار پوليس پڪٽن اڳيان ڏوھاري گذري ڪچي ۾ داخل ٿيا آھن ھوڏانھن واقعي بعد مزاري برادري جا سوين ماڻھو ڪوٽ شاھو جي ڪچي ۾ ڏوھارين جو پيچھو ڪندي پھتا مزاري برادري جي آصف علي مزاري ۽ ٻين ڪچي طرف ڌاڙيلن جي مک لنگھ ٿي قائم ٿيل پوليس چوڪي آڏو احتجاجي مظاھرو ڪندي پڪٽ تي موجود اھلڪارن خلاف نعري بازي ڪئي
-
مرزا ٻنڍو پوليس چوڪي تي ڪل چار اهلڪار مقرر ٿيل
شڪارپور: انڊس ھاءِ وي تي قائم ٿيل پوليس پڪٽ مرزا ٻنڍو تي ٽوٽل چار اھلڪار مقرر ٿيل ھئا سندس ساٿي اھلڪار بشير بروھي چيو ته سڄي رات ڊيوٽي ڪرڻ بعد شھيد ٿيل اھلڪار واقعي کان ٿوري دير اڳ پڪٽ ڀرسان کٽ تي سمھيل ھو کيس خانپور ٿاڻي جي ننڍي منشي کيس فون ڪري اٿاريو ۽ مزاد ڦر واقعي جو اطلاع ڏنو اطلاع تي ھن ساٿي اھلڪارن کي الرٽ ڪيو پڪٽ تي موجود چار اھلڪار ھيا سي ٻه ھڪ پاسي ٻه روڊ جي ٻئي پاسي پوزيشن ورتيون اسان گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي گاڏي تيزي سان اڳتي وڌي وئي ڦر ٿيل مزدا جي پويان ايندڙ موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن سڌي فائرنگ ڪئي جنھن ۾ ھو شھيد ٿي ويو ھٿيار بند فائرنگ ڪند فرار ٿي ويا
-
شهيد اهلڪار 2023ع ۾ پوليس ۾ ڊرائيور طور ڀرتي ٿيو هو
شڪارپور:خانپور انڊس ھاء وي تي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ شھيد ٿيل پوليس اھلڪار مير محمد ميمڻ رحيم آباد لڳ ڳوٺ خان محمد ميمڻ جو رھواسي ھو شھيد اھلڪار 2023۾ پوليس ۾ ڊرائيور طور ڀرتي ٿيو کيس ٻه گھر واريون ھڪ پٽ چار نياڻين جي اولاد آھي