کنڊ اگهه 250 رپيا ڪلو ٿيڻ وارو:حڪمران خاندان ۽ طاقتور رٽائرڊ آفيسر امير کان امير تر

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف)پاران درآمدي چيني تي ٽيڪس ڇوٽ تي سخت اعتراض کانپوءِ حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺندي 3 لک ٽن کنڊ جي درآمد لاءِ جاري ٿيل ٽينڊر واپسوٺي ڇڏيو آهي، ۽ ان جي جاءِ تي 50 هزار ٽن کنڊ جو نئون نظرثاني ٿيل ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي،رپورٽ مطابق، ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (TCP) طرفان نئون ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت 22 جولاءِ تائين عالمي سپلائرز کان بوليون طلب ڪيون ويون آهن۔حڪومت پاران ابتدائي طور تي 5 لک ٽن کنڊ جي درآمد جو حتمي فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن تحت سڀئي ڊيوٽيون ۽ ٽيڪس معاف ڪيا ويا هئا.11جولاءِ تي ٽي سي پي طرفان 3 لک ٽن کنڊ جي درآمد جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو هو۔پر آءِ ايم ايف پاران ٽيڪس ڇوٽ تي سخت تحفظات ظاهر ڪيا ويا، جنهن سبب حڪومت کي قدم واپس وٺڻو پيو۔ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو موقف آهي ته کنڊ تي ٽيڪس ڇوٽ سان ملڪ جي مالياتي نظم تي منفي اثر پوندو، ۽ 7 ارب ڊالر قرض پروگرام متاثر ٿي سگهي ٿو۔ٻئي طرف، باوجود ان جي ته درآمد جي اجازت ڏني وئي، حڪومت کنڊ جي ايڪس مل قيمت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي:جون 2024 ۾ حڪومت 140 رُپيا في ڪلو جي ايڪس مل قيمت مقرر ڪئي هئي۔مارچ 2025 ۾ اها قيمت 159 رُپيا مقرر ڪئي وئي۔هاڻ شوگر ملز سان معاهدي تحت قيمت 165 رُپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا اڳي کان 25 رپيا في ڪلو وڌيڪ آهي،ڪابينا جي دستاويزن مطابق، حڪومت جون کان آڪٽوبر 2024 تائين 7.5 لک ٽن کنڊ جي برآمد جي اجازت پڻ ڏني هئي۔پر هاڻ درآمدي پاليسي ۾ واپسي، ۽ قيمتن ۾ واڌ صارفين لاءِ خدشي جو سبب بڻجي وئي آهي،کنڊ جو اگهه 250 رپيا ڪلو تي پهچڻ جو امڪان آهي،

اسلام آباد (عاصما شيرازي) شگر مافيا جي اجاراداري سبب، ايڪس مل اگهه 175 رپيا مقرر ڪرڻ تي غور جاري آهي، جڏهن تهمارڪيٽ ۾ کنڊ 200 کان 210 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي. اِيڪس مل اگهه ۾ واڌ، ٽيڪس ڇوٽ، ۽ سستا قرض سڀ بااثر طبقي جي شگر ملن لاءِ مخصوص آهن، جن ۾ سياسي ڪٽنب، واپاري اڳواڻ، بيوروڪريٽ، ۽ رٽائرڊ آفيسر شامل آهن. پاڪستان ڪمند جي پيداوار ۾ پنجين ۽ کنڊ جي پيداواري ۾ ستين نمبر تي هجڻ باوجود، ملڪ ۾ هٿرادو کوٽ ۽ اگهن ۾ واڌ ڪئي ويندي آهي. توانائي منصوبن تائين ۾ شگر مافيا جو اثر آهي، جڏهن ته ننڍو هاري محروم ۽ عام ماڻهو مهانگي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور آهي. آءِ ايم ايف هاڻ نه رڳو پيسا ڏئي رهي آهي پر پاليسين تي به نظر رکي رهي آهي. هن وقت 80 کان 90 ملن جو قبضو آهي، جيڪي منافعو ڪمائي رهيون آهن، هارين کي ڪمند جي پوکي تي مجبور به ڪيو وڃي ٿو ته جيئن کين پاڻي ملي سگهي ۽ کنڊ کين ان مافيا جي ملن کي ئي وڪرو ڪرڻي هوندي آهي. جڏهن ته عوام کي بجلي مهانگي ملي ٿي. ان ۾ سياسي ماڻهو آهن، جن ۾ شريف ڪٽنب، زرداري ڪٽنب، چوڌري ڪٽنب، ترين ڪٽنب، ۽ ٻيا به بااثر بيوروڪريٽ، واپاري اڳواڻ آهن، جن ۾ رزاق دائود سميت ٻيا ماڻهو آهن هڪ مضمون موجب، انهن ۾ رٽائرڊ فوجي آفيسرن جون به وڏيون شگر ملون آهن، انهن سان به سندن ڀائيواري آهي. هن گروهه کي اسٽيٽ بينڪ مان سستا قرض ڏياريا وڃن ٿا، وري حڪومتي پاليسين ذريعي کين سبسڊي ملندي آهي، کين تحفظ ملندو آهي، برآمدي مراعتون ملنديون آهن جن سان کين منافعي جي ضمانت ڏني وڃي ٿي، ننڍو هاري منافعي کان محروم رهجي وڃي ٿو.  سوال اهو آهي ته  200 کان 210 رپيا ڪلو کنڊ عوام خريد ڪري رهيو آهي، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ شهباز شريف ۽ مريم نواز تي تقريرون ڪندا رهيا آهن پر هن وقت ن ليگ جي ئي حڪومت آهي، کين ياد رهي ته عمران خان جي حڪومت ۾ شهباز شريف وڏي واڪي کنڊ معاملي تي ڳالهايو هو هاڻي اهو وزيراعظم هوندي ساڳيو عمل ورجائي رهيو آهي.

کنڊ اگهه وڌائي عوام کي لٽيو پيو وڃي:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ھٿرادو مھانگائي عوام جو معاشي قتل آھي. ھاڻ وري کنڊ جو ھٿرادو بحران ڪري عوام کان ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي. زرعي ملڪ جتي ڪڻڪ، ڪمند سميت ھر فصل ضرورت کان وڌيڪ ٿئي ٿو ان باوجود ڪڏھن اٽي جو بحران، ڪڏھن کنڊ جو بحران، ڪڏھن ٻين فصلن جو بحران ڪيو وڃي ٿو. آبادگارن کي سندن محنت جو اگهھ به نٿو ڏنو وڃي پر اٽو ۽ کنڊ جي صورت ۾ عوام کان ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته تازو پيل برساتن حڪمرانن کي پت وائکي ڪري ڇڏي آھي. ٿوري برسات ۾ حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد سميت ڀرپاسي جا علائقا ٻڏي ويا، خراب حڪمراني سمورن مسئلن جو بنياد آھي.

کنڊ اسڪينڊل:چار سئو ارب رپين جو ڌاڙو،حڪومت هر شعبي ۾ ناڪام؟

اسلام آباد(حماد حسن)حڪومت روز عوام تي مهانگائي جا وار ڪري رهي آهي جڏهن اخبارون ۽ ميڊيا تي پڙهون ٿا ته ايئن لڳي ٿو ته معيشت پوري دنيا کي فتح ڪري ڇڏيو آهي،،اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ ناڻي جا ذخيرا آسمان کي پهچي رهيا آهن،پر زميني حقيقتون ڏسون ٿا ته ماڻهن جون رڙيون نڪتل آهن،امن امان جي صورتحال خراب آهي،بلوچستان ۾ پنجابين کي بسن مان لاهي قتل ڪيو پيو وڃي،کنڊ جو اصل اگهه 90 رپيا آهي،جيڪڏهن هڪ رپيو به واڌ ٿئي ته شگر مافيا کي 5 ارب 72 ڪروڙن جو فائدو ٿئي ٿو،هتي اگهه 70 کان 80 رپيا ڪلو تي وڌيو آهي،اندازو لڳايو ته ٽي ساڍا ٽي سئو ارب رپين جو گهپلو ڪنهن ڪيو آهي؟شگرملون ڪهڙن خاندانن جون آهن؟گئس،بجلي،ايل پي جي جنهن شئي جو اگهه ڏسو آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي،هن حڪومت جي ڪهڙي ڪاميابيآهي؟ عوام لاءِ ڪهڙي آساني پيدا ڪئي وئي آهي؟عوام کي امن ڏيڻ،مهانگائي گهٽائڻ،جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ هڪ به ڪاميابي نه ملي سگهي آهي

شگر مافيا هر ڀيري کنڊ برآمد ڪرائي اگهه وڌرائي ڇڏي ٿي،احتساب جو نالو نه نشان؟

اسلام آباد(آصف بشير چوڌري)ملڪ ۾ کنڊ في ڪلو 200 رپيا تائين پهچي وئي آهي، جنهن تي سوال اٿاريا پيا وڃن ته ڇا شگر مافيا وري سرگرم ٿي وئي آهي؟رپورٽ موجب، طاقتور سياسي خاندان، بيوروڪريسي، ۽ بااثر حلقا، جن وٽ پنهنجون شوگر ملون آهن، هر ڀيري کنڊ جي ايڪسپورٽ ڪرائي ملڪ ۾ کوٽ پيدا ڪن ٿا، ۽ پوءِ ٻاهرين ملڪن مان مهانگي کنڊ امپورٽ ڪئي وڃي ٿي.تازو حڪومت 3 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ گهرائڻ جو پلان رکيو، پر اوچتو آرڊر جاري ٿيو ته رڳو 50 هزار ميٽرڪ ٽن ئي گهرائجي. ان سان گڏ حڪومت ئي ايڪس ميل پرائس 159 رپيا في ڪلو مان وڌائي 165 رپيا ڪري ڇڏي.مارڪيٽن ۾ اها به قيمت نظر نٿي اچي، ڇاڪاڻ ته اسلام آباد سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ کنڊ 200 رپيا يا ان کان به وڌيڪ اگهه تي وڪرو ٿي رهي آهي.پينل مطابق، اها سڄي پاليسي طاقتور ماڻهن جي هٿن ۾ آهي، جيڪي مارڪيٽ تي قبضي جي نيت سان اهڙيون حرڪتون ڪن ٿا، ۽ عام ماڻهو، خاص طور آبادگار ۽ صارف سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا.

شگر ملز مالڪن پاران کنڊ اگهن ۾ گهٽتائي جي دعويٰ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن حڪومت کي خاطري ڪرائي آهي ته چيني جي اگهن ۾ گهٽتائي جا اثر ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن اندر واضع ٿيڻ شروع ٿيندا، جڏهن ته حڪومت ايڪس مل اگهه 165 رُپيا في ڪلو مقررڪري ڇڏيو آهي،هي اهم فيصلو وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ شوگر ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ۽ سينيئر ميمبرن شرڪت ڪئي،راڻا تنوير حسين واضح ڪيو ته حڪومت مارڪيٽ ۾ کنڊ جي پرچون قيمت تي سختي سان عمل ڪرائيندي ۽ قيمت کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سڀئي ممڪن قدم کنيا پيا وڃن۔

حڪمران خاندانن پاران کنڊ اگهه تي ڇهن سالن کان ڦرلٽ جاري

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا)عمران خان جي دور ۾ کنڊ جو اسڪينڊل اچڻ تي ايف آءِ اي پاران واجد ضيا جي اڳواڻي ۾ ڪميشن بڻائي وئي هئي،عمران ڪابينا جي وزيرن سميت وڏن وڏن ماڻهن کي ڪميشن ۾ طلب ڪيو ويو،تڏهن واپار واري وزير عبدالرزاق دائود کنڊ جو بحران پيدا ڪرايو هو،ڪو به وزير ڪميشن کي مطمئن نه ڪري سگهيو ته کنڊ جي برآمد ضروري ڇو هئي؟اهو بحران اڃا تائين جاري آهي،2019ع ۾ کنڊ جو اگهه 52 رپيا ڪلو هو،بحران پيدا ٿيڻ تي کنڊ اگهه 70 رپين تائين پهچي ويو،وري 90 رپيا آخر ۾ 120 رپين تائين اگهه پهتو،اهو ڪم ڇهن مهينن تائين بنا روڪ ٽوڪ هلندو رهيو،ان اسڪينڊل ۾ شگر مافيا 500 ارب رپين کان وڌيڪ ڪمائي ڪئي،اهي شگر ملون شريف خاندان،آصف زرداري،جهانگير ترين ۽ ٻين خاندانن جون آهن،هن وقت به پهرين کنڊ برآمد ڪئي وئي،جڏهن اسٽاڪ برآمد ٿي ويو ته شگر ملز مالڪن چيو ته اسان وٽ اسٽاڪ ناهي،جڏهن درآمد جو وارو آيو ته اگهه وڌائي ڇڏيا

شگرمل مالڪن معاهدي باوجود کنڊ ايڪس مل قيمت 175 رپيا ڪري ڇڏي

ڪراچي (م ڊ)هول سيل گروسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين رؤف ابراهيم چيو آهي ته شوگرملز مالڪن حڪومت سان ٿيل 165 رپين في ڪلوگرام جي معاهدي کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪندي، چيني جي ايڪس ملز قيمت وڌائي 175 رپيا في ڪلو ڪري ڇڏي آهي، جيڪا حڪومت جي اختيارن لاءِ سڌو سنئون چئلينج آهي سرڪار جي رٽ به گهٽ نظر اچي رهي آهي.رؤف ابراهيم الزام هنيو ته وفاقي وزير رڳو اعلان ڪري رهيا آهن، پر حقيقي ڪاروائي ڪا به نظر نٿي اچي، جنهن مان لڳي ٿو ته حڪومت شوگرملز خلاف سخت قدم کڻڻ کان پريشان يا هٻڪيل آهي.ٻئي پاسي، ريٽيل گروسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين فريد قريشي چيو آهي ته اڄ  کنڊ جي پرچون قيمت 200 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي، جيڪا عام صارف لاءِ ڳري معاشي بار بڻجي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.