اسلام آباد (بيور+م ڊ)وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائيندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو رات 12 وڳي کان نافذ العمل ٿي ويو،ناڻي واري وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 36 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد نئين قيمت 272 رپيا 15 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 11 رپيا 37 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا هاڻ 284 رپيا 35 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي گاسليٽ (ڪيروسين آئل) جي قيمت ۾ 3 رپيا 10 پئسا گهٽتائي آندي وئي آهي.لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾هڪ رپيو 85 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.هي مهيني اندر مسلسل ٽيون ڀيرو اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا عام ماڻهو لاءِ مالياتي بار وڌائي رهي آهي. خصوصاً ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو سڌو اثر ٽرانسپورٽ، زرعي شعبي ۽ روزمرهه جي شين جي اگهن تي پوندو. عوام لاءِ مهانگائي جو طوفان اڳ ئي بي قابو آهي، ۽ نئين واڌ سان حالتون وڌيڪ ڳڻتي جوڳيون بڻجي سگهن ٿيون.