ملڪ ۾ طوفاني برساتون، 5 ڄڻا اجل جو شڪار، 10 زخمي

اسلام آباد (م ڊ) پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برساتن جو سلسلو جاري آهي. پنجاب ۾ مختلف حادثن سبب 5 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. پي ڊي ايم اي خيبرپختونخوا پاران صوبي ۾ وڌيڪ الرٽ جاري ڪندي، سڀني ادارن کي خبرداري جاري ڪئي وئي آهي، جڏھن ته قلم 144 به لاڳو ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب، برساتن جو سلسلو 17 جولاءِ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، جڏھن ته ڪي پي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو به ظاهر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.