مخصوص سيٽن واري فيصلي کان پوءِ … تحريڪ انصاف جو مستقبل

تحرير: سيد مجاھد علي

مخصوص سيٽن بابت ٿيل فيصلي کان پوءِ حڪمران جماعت جي پارلياماني پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿي آهي. اهڙي ماحول ۾ تحريڪ انصاف جو اهو خواب پورو ٿيندو نظر نٿو اچي ته هو موجوده حڪومت کي ڪنهن احتجاج يا شهري نافرمانيءَ وسيلي هٽائي ڇڏيندي، يا ڪنهن به طريقي سان حڪومت کي عمران خان جي آزادي لاءِ راضي ڪري وٺندي. اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو مستقبل ڇا هوندو؟ ڇا هي جماعت ايندڙ سياست ۾ فيصلو ڪندڙ ڪردار ادا ڪري سگهندي؟

هن سوال جو جواب خود پي ٽي آءِ جي پنهنجي روش ۽ حڪمتِ عمليءَ ۾ لڪل آهي. جيڪڏهن پارٽي قيادت پنهنجون سموريون صلاحيتون ۽ توانائي رڳو عمران خان کي آزاد ڪرائڻ ۽ احتجاجي تحريڪ وسيلي نظام کي معطل ڪرڻ جي خواهش تي صرف ڪندي رهي، ته پوءِ نتيجو به غالب امڪان آهي ته ماضي وانگر ناڪاميءَ جي صورت ۾ ئي نڪرندو. پر جيڪڏهن پارٽي اڳواڻ احتجاج سان گڏوگڏ پارلياماني ڪردار ادا ڪرڻ ۽ حڪومت سان ڳالهه ٻولهه جو ڪو طريقو ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، ته پوءِ عوام ۾ جماعت جي مقبوليت کي ڪجهه حد تائين برقرار رکڻ ممڪن ٿيندو، جيڪو مستقبل جي چونڊن ۾ ان لاءِ سياسي حيثيت قائم رکڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.ان جي ابتڙ، جيڪڏهن رڳو احتجاج کي ئي واحد رستو سمجهيو ويندو، ۽ پارٽي عمران خان جي آزادي کان اڳتي ڪنهن به مسئلي تي سوچڻ لاءِ تيار نه هوندي، ته پوءِ اها پاڻ پنهنجي سياسي اهميت ۽ حيثيت وڃائيندي رهندي. ان عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ ٻين مخالف سياسي ڌرين به پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.

هاڻ جڏهن لاهور جي هڪ فارم هائوس ۾ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ 5 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ احتجاج بابت حڪمتِ عملي جوڙڻ جو ارادو آهي، تڏهن پارٽي جي علامتي چيئرمين بيرسٽر گوهر علي اهو چئي چڪو آهي ته احتجاج بابت حتمي فيصلو صرف عمران خان ئي ڪندو. پارٽي جا اڳواڻ اڃا تائين اهو سمجهائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ته جيڪڏهن سڀ فيصلا اڊيالا جيل مان ئي ٿيڻا آهن، ته پوءِ پاڻ تڪڙ، ميڊيا شو ۾ شرڪت ۽ بي ربط بيان ڏيڻ جي تڪليف ڇو پيا ڪن؟

پوءِ به پارٽي جي جيڪا قيادت هن وقت سرگرم نظر اچي ٿي، ان مان هر اڳواڻ پاڻ کي عمران خان جو ويجهو ترين ماڻهو سمجهي ٿو، ۽ ڪنهن ٻئي اڳواڻ جي حيثيت کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. اهڙي انداز جي اڳواڻن جي ٽولي مان ڪا به سياسي جماعت تنظيم جي صلاحيت نٿا حاصل ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته سياست صرف رهنمائن جي نالي تي نٿي هلي، ان لاءِ ڄاڻ، حڪمتِ عملي، رڳو احتجاجي روين کان اڳتي وڌڻ جي همت ۽ عملي رستو پڻ ضروري هوندو آهي.

 هاڻي تائين تحريڪ انصاف جي سڄي سياسي سگهه رڳو عمران خان جي ذاتي مقبوليت ۽ عوامي ڪشش تي قائم رهي آهي. هِن معاملي تي سندس حامين ۽ مخالف پنهنجا پنهنجا اندازا قائم ڪري سگهن ٿا. پر اهو چوڻ انتهائي مشڪل، بلڪه ناممڪن آهي ته گذريل عام چونڊن کان پوءِ تحريڪ انصاف جي مقبوليت ۾ واڌ ٿي آهي يا گهٽتائي آئي آهي. تحريڪ انصاف جو هر اڳواڻ اهو ئي دعويٰ ڪندو ته جماعت کي عوام جي سئو سيڪڙو حمايت حاصل آهي، ڄڻ ته باقي سياسي جماعتون سرے سان موجود ئي ناهن. سندن خيال ۾ فوج پنهنجي مرضيءَ سان تحريڪ انصاف کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هڪ هٿ ٺوڪيون حڪومت قائم ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي عوام وٽ ڪو به ويساهه حاصل ناهي، ۽ اقتدار ۾ ان جو ڪو اصل حصو به ناهي. بس عهدي ۽ پروٽوڪول جي اوٽ ۾، اُهي ماڻهو صرف ظاهري ڏيکاءَ تائين محدود آهن.

 تحريڪ انصاف جي پوري سياسي حڪمت عملي هميشه اچي انهيءَ هڪ جُملي تي ختم ٿئي ٿي ته "آخري فيصلو ته عمران خان ئي ڪندو.” لاهور ۾ جيڪي اڳواڻ هن وقت احتجاج جي رٿابنديءَ لاءِ گڏ ٿيا آهن، انهن مان ڪنهن وٽ، موجوده چيئرمين گوهر علي سميت، اهو اختيار ناهي ته هو احتجاج جي شروعات جو به ڪو حتمي فيصلو ڪري سگهي. اهڙي حالتن ۾ سياسي تنظيم جي کوٽ ۽ رهنمائيءَ جي مرڪزيت پارٽي جي مستقبل لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿي.پاڪستاني سياست ۾ ڪاميابيءَ جو ٻيو اهم محور آهي "حلقن جي سياست” – يعني چونڊ وارن علائقن ۾ نمائندن جي ڪارڪردگي ۽ عوامي لاڳاپن تي دارومدار. جيڪڏهن ڪا جماعت گهڻي منظم نه به هجي، پر ان جا چونڊيل نمائندا پنهنجي ووٽرن سان رابطو رکن

ان وچ ۾حيرت انگيز طور تي تحريڪ انصاف پاران هڪ اهڙي افواه کي به هوا ڏني پئي وڃي، ته عمران خان جا ٻه پٽ  سليمان ۽ قاسم  لنڊن مان پاڪستان اچي، ايندڙ احتجاجي تحريڪ جي قيادت سنڀاليندا. عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان به ان دعويٰ جي پٺڀرائي ڪئي آهي، ۽ ٻه ڏينهن اڳ سندن والده جمائمه به ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي اهڙو پيغام جاري ڪيو، جنهن سان اهڙي تاثر کي وڌيڪ هٿي ملي. جمائمه لکيو ته: "منهنجن ٻارن کي سندن والد عمران خان سان فون تي ڳالهائڻ جي به اجازت ناهي. عمران خان کي ٻن سالن کان قيدِ تنهائيءَ ۾ رکيو ويو آهي. هاڻ پاڪستان حڪومت چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجا ٻار پنهنجي پيءُ سان ملڻ لاءِ پاڪستان آيا ته کين به جيل ۾ وڌو ويندو. ڪنهن به جمهوري يا ڪارائتي رياست ۾ اهڙي روش نٿي هجي. اها سياست نه، ذاتي انتقام آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.