سڀ کان پهريائين آئون هتي اهو ذڪر ڪندو هلان ته، موجوده اتحادي حڪومت جيئن ئي وجود ۾ آئي آهي تيئن عوام کي ڪو رليف ڪونه ڏنو آهي. عوام جي واهر ڪونه ڪئي پئي وڃي. ڪا مدد ملي ٿي ته اها به اقربا پروري جي بنيادن تي ڪئي پئي وڃي. من پسند ماڻهن کي نوازيو پيو وڃي. حڪمران رڳو ڪوڙيون دعوائون ڪرڻ جي ڪم ۾ مشغول آهن. پرڏيهي دورن کي ترجيح ڏيئي رهيا آهن. باقي عوام ساڳيو سورن ۾ آهي. عوام کي کاڌي پيتي جون شيون سستن اگههن ۾ ڪونه ملي رهيون آهن. گوشت، مڇي، اٽو، چانور، بسڪوٽ، گيهه ۽ دوائون وغيره جا اگهه آسمان سان ڳالهيون پيا ڪن. ٻئي طرف حڪومت چئي رهي آهي ته، ملڪي معيشت مستحڪم ٿي آهي. ملڪ ۾ مهانگائي ختم ٿي چڪي آهي. جڏهن اهي بيان ٻڌندا آهيون ته حيرت ٿئي ٿي. تعجب ٿئي ٿو ۽ کل اچيو وڃي ته عوام کي ڪيئن بيوقوف بنايو پيو وڃي. حڪمران غلط بياني ڪري رهيا آهن. مهانگائي وڌندي پئي وڃي. ڪوبه حڪومت جو وزير ۽ مشير بازار ۾ وڃي ته کيس معلوم ٿي ويندو ته شين جا اگهه ڪٿي پهچي چڪا آهن. تڏهن کين احساس ٿيندو. شايد حڪمرانن کي غلط بريفنگ ڏني وڃي ٿي. ان جي آڌار تي پنهنجا بيان جاري ڪيا وڃن ٿا. اهو به هڪ ڌوڪو ۽ ڪوڙ آهي. حڪمرانن کي گھرجي ته اصل حقيقتون معلوم ڪري پوءِ بيان جاري ڪن. باقي بنا تصديق جي بيان جاري ڪرڻ عوام کي گمراهي ۾ وجهڻ آهي.
هاڻ، کنڊ مهانگي ٿي آهي. کنڊ جا اگهه وڌي ويا آهن. جنهن ڪري سڄي ملڪ ۾ عوام جون رڙيون آهن ۽ دانهون آهن ته کنڊ سستي ڪئي وڃي. عوام کي پريشان نه ڪيو وڃي. پر، حڪمران هڪ به ڪونه ٿا ٻڌن. هن حڪومت ۾ جيڪا به قانون سازي ڪئي ويئي آهي سا، حڪمرانن پنهنجي فائدن کي نظر ۾ رکندي ڪئي آهي. عوام جي حالت کي نظرانداز ڪيو ويو آهي زميني حالتن کي ڪونه ڏٺو اٿن. صرف پنهنجن فائدن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪيا پيا وڃن. قانونسازي ٿي رهي آهي. بلڪل اهڙي طرح، هاڻ به کنڊ جو اگهه وڌائي ملز مافيا فائدو وٺڻ گهري ٿي. اهي گھڻيون تڻيون شگر ملون حڪمرانن جون آهن. جيڪي عوام جا خدمتگار بنجي مٿي ويٺا آهن. اهي چاهين ٿا ته، عوام ڀلي نپوڙجي وڃي. پر، کين فائدو ٿئي. پئسو ڪمايو وڃي. ان ڳالهه جي روشني ۾ کنڊ مهانگي ڪئي ويئي آهي. جيڪا ٻن سو روپين کان به وڌيڪ اگهه ۾ في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رهي آهي. نتيجي ۾ کنڊ مهانگي ٿيڻ ڪري ڪيتريون ئي شيون چوٽ چڙهي ويون آهن. جيئن چاءِ ، بسڪوٽ، بيڪري جون مٺايون ۽ شربت وغيره مهانگا ٿي چڪا آهن. ان کان سواءِ ٻين شين جي اگههن تي به ڪافي اثر پيو آهي. اهي به آهستي، آهستي مهانگيون ٿينديون پيون وڃن ڪير به پڇڻ وارو ناهي. اگهن تي ڪنٽرول ڪرائيندڙ اختياريون به خاموش آهن. سندن خاموشِ جي سبب جي ڪابه خبر ڪونه آهي. ائين ٿو محسوس ٿئي ته، ڄاڻايل اختياريون ڄڻ ملڪ ۾ موجود ئي ڪونه آهن جنهن ڪري قيمتن تي ضابطو ڪونه پيو اچي.
هڪ طرف اها حالت آهي ته ٻئي طرف کنڊ جي واپارين وري کنڊ جي کوٽ پيدا ڪئي آهي. کنڊ جون ٻوريون گودامن ۽ ڀانڊن ۾ بند ڪري ڇڏيون آهن. جنهن ڪري بازار يعني مارڪيٽ مان کنڊ غائب ٿيندي پئي وڃي. اهو چيو پيو وڃي ته، اڳتي هلي هو کنڊ جا هٿرادو اگهه مقرر ڪري وڪرو ڪندا ۽ خوب پئسو ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا. غريب ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان ڦريندا. جنهن سان عوام پريشان ٿي ويندو ۽ مونجهارن ۾ اچي ويندو. اهو به يقين اٿئون ته، حڪمران انهن واپارين جي خلاف قدم ڪونه کڻندا. عوام کي راضي رکڻ لاءِ صرف سکڻا دلاسا، ڏٽا ۽ واعدا ڪندا. باقي انهيءَ کان اڳتي ڪجهه به ڪونه هوندو ۽ نه وري ڪو عمل به ٿي سگھي ٿو. عوام کي آسرن ۾ رکي وقت گذاريو ويندو.
ياد رهي ته، اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪا، شي مهانگي ٿي آهي. خاص ڪري کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيون آهن ته اهي وري سستيون ڪونه ٿي سگھيون آهن. ڪي هڪ يا ٻه شيون سستون ٿيون هجن. انهن جا اگهه گھٽيا هجن ته اها خوشقسمتي چئبي. باقي مون کي ياد نه ٿو اچي ته، هڪ دفعو مهانگائي ٿيڻ سان وري ٻيهر مهانگائي تي ضابطو آيو هجي ۽ مهانگائي گھٽ ٿي هجي. پوءِ ڀلي عوام بکيو، ڏکيو اگههاڙو هجي. پر، حڪمرانن کي ڪابه پرواهه ڪونه هوندي آهي. هن وقت به کنڊ جا اگهه چوٽ چڙهندا پيا وڃن. پر، ملڪ جي پاسبانن جي ڪنن تي جونءِ به ڪونه ٿي رڙهي ۽ نه وري کين عوام جو احساس ٿئي ٿو.ياد رهي ته، هميشه قيمت ان شي جي وڌندي آهي. جنهن جي ملڪ ۾ کوٽ هجي. جيڪا پرڏيهه مان گھرائي وڃي. ان صورت ۾ مهانگائي ٿيندي آهي. پر، هتي اها صورتحال ڪونه آهي. سڄي ملڪ ۾ کنڊ جا ڪيترائي ڪارخانا آهن. جن جي گودامن ۽ ڀانڊن ۾ کنڊ کي ذخيرو ڪيو ويو آهي. اتي اڻ کٽ کنڊ موجود آهي. جيڪا ملز مالڪان رکيو ويٺا آهن ته کنڊ جي قيمت ۾ اضافو ٿئي ته پوءِ اها وڪرو ڪري مارڪيٽ ۾ موڪلي وڃي. جڏهن ته ذخيره اندوزي ڪرڻ به هڪ جرم ۽ ڏوهه آهي. پر، مذڪوره شخصيتون قانون کان سگھاريون آهن. جنهن ڪري اهي اهو ڏوهه ڪنديون ته به انهن کي ڪير چوڻ وارو ڪونه آهي. ڇو ته قانون ته غريبن، مسڪينن ۽ بي سهارا ماڻهن لاءِ آهي. ڪن سياڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته، کنڊ جي قيمتن تي هينئر ضابطو نه آندو ويو ته، اها گاڏي اڃا رڪجڻ جي ڪونه ڪندي ۽ کنڊ جا اگهه اڃا وڌندا. کنڊ مهانگي ٿي ويندي. جيڪا روزانه وڌندي رهندي. روز انهيءَ جا نوان اگهه ٻڌندا رهنداسون.
اسان هن ليک ذريعي وقت جي حڪمرانن کي عرض ڪنداسون ته، وڌندڙ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي موزون ۽ معقول قدم کنيا وڃن. ان سان گڏ کنڊ جي قيمتن تي به ضابطو آندو وڃي. جيڪي اگهه وڌايا ويا آهن سي واپس وٺي عوام کي رليف ڏنو وڃي. ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگههن جي واڌ جي خلاف ڪا قانونسازي ڪري ان واڌ کي ختم ڪيو وڃي. هن وقت غريب عوام مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي. ملڪ مان غربت ته گھٽ ڪونه ٿي آهي. پر، اها اڃا به وڌندي پئي وڃي. غربت جي ڪري غريب ماڻهو تنگ ۽ بيزار آهن. سندن پريشانيون دور ڪرڻ لاءِ خدارا ڪجهه سوچيو. غريب، غريب ترين ٿيندا پيا وڃن. جڏهن ته امير، اميرترين ٿي رهيا آهن ان جو مثال اکين آڏو آهي ته، کنڊ جا ڪارخانا اميرن جا آهن. هاڻ کنڊ جا اگهھ وڌائي انهن کي امير ترين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پر، غريب ماڻهن جي حالتن کي ڪونه ٿو ڏٺو وڃي. انهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.
ياد رهي ته، هميشه قيمت ان شي جي وڌندي آهي. جنهن جي ملڪ ۾ کوٽ هجي. جيڪا پرڏيهه مان گھرائي وڃي. ان صورت ۾ مهانگائي ٿيندي آهي. پر، هتي اها صورتحال ڪونه آهي. سڄي ملڪ ۾ کنڊ جا ڪيترائي ڪارخانا آهن. جن جي گودامن ۽ ڀانڊن ۾ کنڊ کي ذخيرو ڪيو ويو آهي. اتي اڻ کٽ کنڊ موجود آهي. جيڪا ملز مالڪان رکيو ويٺا آهن ته کنڊ جي قيمت ۾ اضافو ٿئي ته پوءِ اها وڪرو ڪري مارڪيٽ ۾ موڪلي وڃي. جڏهن ته ذخيره اندوزي ڪرڻ به هڪ جرم ۽ ڏوهه آهي. پر، مذڪوره شخصيتون قانون کان سگھاريون آهن. جنهن ڪري اهي اهو ڏوهه ڪنديون ته به انهن کي ڪير چوڻ وارو ڪونه آهي.