گردن جو مرض اڄڪلهه تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ان جا ڪهڙا ڪهڙا سبب آهي اسان پنهنجي پڙهندڙن کي ان بابت هتي ڪيترائي ڀيرا ٻڌائي چڪا آهيون، اڄ اسان اوهانکي ٻڌائينداسين ته اهي ڪهڙيون خاموش علامتون آهن جيڪي گردا خراب ٿيڻ جي نشاندهي ڪن ٿيون ۽ جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو کي اهي علامتون ظاهر ٿي پون ته انکي ڇا ڪرڻ گهرجي. ان سان گڏ گردن جي صحت لاءِ بهترين احتياط ڪهڙا آهن.
جيڪڏهن گردا خراب ٿيڻ شروع ٿين ٿا ته ڪجهه اهم علامتون ظاهر ٿين ٿيون جيڪي هيٺ ڄاڻائجن ٿيون.
پيشاب جو مقدار گهٽجڻ يا گهڙي گهڙي وڌيڪ پيشاب اچڻ
جسم ۽ چهري تي خاص طور تي پيرن ۽ ٽنگن تي سوڄ
ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوري جو احساس
ساهه کڻڻ ۾ تڪليف يا سينو جڪڙجڻ
بلڊ پريشر جو گهڙي گهڙي وڌڻ
بک گهٽ ٿيڻ
الٽيون اچڻ
ننڊ ۾ تڪليف ۽ گهٽتائي
چيلهه کان مٿي سور ۽ ڌيان جي گهٽتائي
ڪجهه ماڻهن کي مثاني جي ويجهو ۽ ڄنگهه جي پاڙ ۾ سور جي شڪايت به ٿي سگهي ٿي.
جيڪڏهن اهڙيون علامتون ظاهر ٿين، ته فوري طور رت ۽ پيشاب جون ڪجهه ٽيسٽون ڪرائڻ گهرجن، جنهن ۾ ڪرٽينائن، يوريا ۽ اليڪٽرولائٽس جا ٽيسٽ شامل آهن ۽ ڊاڪٽر جي صلاح موجب گردي جو الٽراسائونڊ يا اسڪين به ڪرايو وڃي.
ان سان گڏ اهڙيون علامتون ظاهر ٿيڻ کانپوءِ صاف پاڻي گهڻي مقدار ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي، ڇو ته گردن جي صحت لاءِ پاڻي وڏو فائديمند ثابت ٿيندو آهي. پر جيڪڏهن سوڄ يا دل جي بيماري هجي ته ڊاڪٽر جي هدايتن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.
گردن جي صحت لاءِ غذا ۾ لوڻ، پروٽين، تريل شيون، بادي شيون جهڙوڪ پٽاٽا، ٽماٽو ۽ پالڪ وغيره کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. گردن کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ بلڊ پريشر ۽ شوگر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ پڻ انتهائي ضروري آهي، ڇو ته اهي گردن کي وڌيڪ نقصان پهچائي سگهن ٿا. ڊاڪٽر جي صلاح کان سواءِ ڪنهن به دوا خاص ڪري سور گهٽائڻ واري دوا استعمال نه ڪئي وڃي ڇو ته اهي گردن جي حالت کي وڌيڪ خراب ڪري سگهن ٿيون.
ماهرن جو چوڻ آهي ته گردن جي بيماري خاموشي سان وڌي رهي آهي، ان ڪري ان جي علامتن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. شوگر جي ڪري گردي جي نقصان کي ذيابيطس نيفروپٿي چيو ويندو آهي، جنهن کي شروعاتي مرحلن ۾ مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن آهي، پر ان لاءِ ضروري آهي ته شوگر ۽ بلڊ پريشر کي مڪمل ڪنٽرول ۾ رکيو وڃي ۽ اهڙي ڪا به خوراڪ نه کائجي جيڪا انهن کي وڌائي سگهي. پنهنجي صحت جو پاڻ خيال رکو ۽ ٻين تائين به اها ڄاڻ پهچايو ته جيئن هو به پنهنجي صحت جي حفاظت ڪري سگهن.