اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) چيو آهي ته ٻه لک رپيا بينڪ ۾ جمع ڪرائڻ تي ٽيڪس ڪٽوتي نه ٿيندي.
ايف بي آر طرفان اها خاطري اسلام آباد ۾ آل پاڪستان تنظيم تاجران جي وفد سان ڳالهين ۾ ڪرائي وئي.
ايف بي آر خاطري ڪرائي ته ڊجيٽل انوائسنگ ننڍن واپارين ۽ ريٽيلرز تي لاڳو نه ٿيندي، ڊجيٽل انوائسنگ رڳو بزنس ٽو بزنس سيلز ٽيڪس رجسٽرڊ ڪمپنين تي مرحلي وار لاڳو ٿيندي.
ايف بي آر جو چوڻ آهي ته ڊجيٽلائيزيشن ڪميٽي ۾ واپاري نمائندن کي شامل ڪيو ويندو، سيلز ٽيڪس قانون 37 اي ۽ 37 بي ننڍن واپارين تي لاڳو نه ٿيندو.
فيڊرل بورڊ آف روينيو موجب ڪنهن وڏي صنعتڪار کي به سيلز ٽيڪس قانون تحت گرفتار نه ڪيو ويندو، سيلز ٽيڪس قانون 37 اي ۽ 37 بي جو مقصد جعلي انوائسز جي روڪٿام آهي.
ايف بي آر چيو ته مارڪيٽن ۾ ڪسٽم جي ڇاپن خلاف الڳ اجلاس ۾ نئون مڪينزم طئي ٿيندو، ان حوالي سان ملاقات ۾ ان تي اتفاق ڪيو ويو آهي، جڏهن ته موبائل فونز تي ٽيڪس سڌارن لاءِ واپارين سام مشاورت ڪئي ويندي.
پڌرائيءَ موجب واپاري اڳواڻن ڪاشف چوڌري، خواجا سلمان صديقي، شرجيل مير ۽ ٻين ٽيڪس نظام تي موقف پيش ڪيو.
واپاري اڳواڻن جو موقف آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ظالماڻا ٽيڪس قبول نه ڪنداسين.
Prev Post
You might also like