ايل اين جي وڌيڪ سستي ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اوگرا ايل اين جي جي قيمتن ۾ 2.68 سيڪڙو تائين لاٿ ڪري ڇڏي.
اوگرا جولاءِ لاءِ ايل اين جي جي قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سوئي سدرن جي سسٽم تي ايل اين جي 0.29 ڊالر ۽ سوئي ناردرن جي سسٽم تي ايل اين اي 0.20 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو سستي ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب سوئي ناردرن لاءِ ايل اين جي جي نئين قيمت 11.58 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ۽ سوئي سدرن لاءِ ايل اين جي جي نئين قيمت 10.57 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.