پاڪستان اسٽيل مل جي بحالي ملڪ جي معيشت لاءِ سٺو سنوڻ ثابت ٿيندو

تحرير: جميل چانڊيو

ملڪ اهي ئي ترقي ڪندا آهن جتي صنعت ۽ زراعت کي هٿي مليل هوندي آهي، پاڪستان هڪ زرعي ملڪ ضرور آهي پر صنعت جو هجڻ به اهم آهي، ملڪ جي تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته 70 واري ڏهاڪي ۾ ان وقت جي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي اهم ادارن کي قائم ڪرائڻ ۾ پنهنجو اهم رول ادا ڪيو، پورٽ قاسم، پاڪستان اسٽيل، ايٽمي بجلي گهر سميت ملڪ ۾ ننڍا وڏا ڪارخانا قائم ڪرايا جيڪي ملڪ جي صنعتي ترقي ۾ اهم باب لکيا ويا.

ذوالفقار علي ڀٽي جتي زراعت جي شعبي جانورن جي پيداوار ۾ خاطر خواهه اضافو ڪرايو اتي پاڪستان اسٽيل مل جهڙا منصوبا روس جي سهڪار سان قائم ڪرايا جنهن ذريعي ملڪ جي صنعتن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ هي ميگا پراجيڪٽ هڻايو جنهن جي بدولت اڄ پاڪستان ايٽمي قوت بڻيو، هن اداري جي عروج کان زوال تائين هڪ منظم مافيا هئي جنهن پهرين ڏينهن کان نٿي چاهيو ته صنعتن جي ماءُ پاڪستان اسٽيل مل سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي جي عربي سمنڊ لڳ لڳي، مافيا هن اداري کي اڇي هاٿي جي لقب سان نوازيو.

ماضي ۾ 100 سيڪڙو پيداوار جو رڪارڊ قائم ڪري وفاقي سرڪار کي ڊيوٽيز ۽ ٽيڪسز جي مد ۾ 105 ارب روپيا ادا ڪرڻ جو رڪارڊ رکي ٿي جڏهن ته هي ادارو ماضي ۾ فقط 21 ارب روپين ۾ جڙي راس ٿيو هو. 1984ع ۾ مڪمل طور تي اسٽيل مل جا 40 کان وڌيڪ ڪارخانن پنهنجي پيداوار ڏيڻ شروع ڪئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي مقرر هدف کي به پار ڪندي سالانه 1.1 ميٽرڪ ٽن پيداواري رڪارڊ قائم ڪيو. مختلف مرحلن ۾ هن اداري جي توسيع جيڪا رٿابندي هيٺ هئي تنهن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ٻئي دور حڪومت ۾ روس سان معاهدا ٿيا پر تن تي بعد ۾ ايندڙ حڪومتن عملدرآمد ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. هن قومي صنعتي اداري کي زوال طرف آڻڻ ۾ سياسي حڪومتن جو وڏو ڪردار هو.

20 جون 2015 تي هلندڙ پاڪستان اسٽيل مل کي نادر شاهي حڪومت تحت ان وقت جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل گئس بند ڪرڻ جا حڪم نادر ڪيا، 65 سيڪڙو پيداواري عمل جاري رکندڙ ادارو گئس بند ٿيڻ سبب زيرو تي اچي ويو، ڪجهه ئي وقت اندر بلاسٽ فرنس (بٺي) جيڪا لوهه گئس پريشر تي سروائيول ڪري رهي هئي ۽ ڪوڪو ون باءِ پراڊڪٽ (گئس پيدا ڪندڙ اوون) جيڪو بند ٿيڻ کان ڪجهه وقت اڳ پاڪستاني انجنيئرن جي مهارت سان فقط 90 ڪروڙ جي لاڳت سان تيار ٿيو هو تنهن کي به پڻ فريز ڪيو ويو. اهڙي طرح پاڪستان اسٽيل مل هميشه جي لاءِ سرد موري جي حوالي ٿي وئي، نواز حڪومت بعد عمران سرڪار ۽ موجوده ڪجهه وقت اڳ اسٽيل مل مان اسٽاڪ ۾ پيل 5 ارب روپين جو لوهه، اسڪريپ، اسپيئر پارٽس سميت ٻيا قيمتي ڌاتو جو چوري ٿيڻ معمول بڻجي ويو ۽ ڏسندي ڏسندي اسٽيل مل زوال جي ور چڙهي وئي.

ان سڄي مرحلي ۾ 10 هزار مزدور ۽ آفيسر ڊائون سائزنگ جي نالي سان بغير ڪنهن اضافي اسڪيم گولڊن هينڊ شيڪ جي اعلان بعد به ملازم هٿين خالي گهر ڀريو روانا ٿيا، جبري برطرف ٿيل ملازمن پنهنجي اداري جي بحالي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي پر سندن جدوجهد ۾ سواءِ دلاسن، آسرن سميت ڪو به عملي جامو نظر نه آيو، هن اداري جو انفرااسٽڪچر اڄ به مل کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي سگهه رکي ٿو.

تازو پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ حڪومت پاڪستان ۽ روس سان معاهدو ٿي ويو آهي، اهڙو معادو وزيراعظم جي معاونِ خصوصي براءِ صنعت ۽ پيداواري هارون اختر خان جي اڳواڻيءَ ۾ روس سان وزارتِ صنعت و پيداواري جي وفد سان معاهدي تي صحيحون ٿي ويون معاهدي ۾ اڳوڻي قومي صنعتي پيداواري اداري پاڪستان اسٽيل کي جديد بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهڙي معاهدي بعد پاڪستان اسٽيل ملز جي پورهيت تنظيم جي اڳواڻن ۽ پيپلز ليبر بيورو جي اڳواڻ شمشاد قريشي، ڌڻي بخش سمون، اڪبر ميمڻ، مصطفيٰ زرداري، امجد زرداري، شوڪت ڪورائي “عوامي آواز” سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان اسٽيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ماضي ۾ روس جي سهڪار سان قائم ڪيو هو جنهن جو مقصد ملڪ ۾ فولادسازي کي هٿي ڏياراڻي هئي پر بدقمستي سان ماضي جي نواز سرڪار 20 جون 2015 تي هن اداري کي هٿ وٺي بند ڪري لکين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو پر اسان کي فخر آهي ته موجوده صدر پاڪستان جي ڪوششن سان ئي پاڪستان اسٽيل مل جي بحالي لاءِ وفاق روس سان شراڪتداري نئين صنعتي تاريخ جوڙي آهي.

ان سلسلي ۾ اڳواڻن ٻڌايو ته ماضي ۾ پاڪستان اسٽيل پنهنجي 100 سئو پيداواري صلاحيت وارو ٽارگيٽ پورو ڪري وفاق کي 105 ارب روپيا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز جي مد ۾ ادا ڪيو جڏهن ته هي ادارو فقط 21 ارب ۾ ٺهيو هو جنهن جي سالياني پيداوار هدف 1.1  ملين ٽن هو جڏهن اسٽيل مل جو بنياد ڍانچو 1970ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ تيار ڪيو ويو ۽ پهريون بلاسٽ فرنس 14 آگسٽ 1981ع تي فعال ٿيو. جڏهن ته مڪمل پيداوار جنرل ضياءَ جي دور ۾ 1984 ۾ سمورا اسٽيل مل جا ڪارخانا پنهنجي مڪمل پيداوار شروع ڪئي هي ادارو ماضي ۾ سمورا خرچ ڪڍي 33 ڪروڙ روپيا بچائيندو هو هن اداري جو خسارو سياسي مداخلت طرف شروع ٿيو جيڪو 2012 کان زوال پذيري طرف ويو ۽ 2015 ۾ هن اداري جي پيداوار 70 سيڪڙو تي پهتي ته نواز حڪومت جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل بغير ڪنهن نوٽيس جي گئس بند ڪرائي ۽ مل جي پيداوار ڏسندي ڏسندي زيرو تي پهتي. پاڪستان اسٽيل مل ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٻئي دور ۾ 22 هزار پورهيت روزگار سان وابسته هئا جن کي نواز ۽ عمران حڪومت ڊائون سازي جي نالي تي جبري برطرف ڪيو هو. اداري جي 26 هزار ايڪڙ زمين کي نواز سرڪار 4 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ کپائي جڏهن ته پاڪستان اسٽيل مل تي هن وقت هڪ کرب کان روپين کان وڌيڪ مقروض آهي جن ۾ گئس، پاڻي، بجلي ۽ رٽائرڊ ملازمن جون رهتن سميت ڊيلرن جون بقاياجات آهن، تازو حڪومت جي بحالي واري اعلان هڪ طرف ٻيهر هن فولاد ساز اداري کي روس جي سهڪار سان هلائڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي جنهن جا تفصيل هن ريت مليا آهن.

 پاڪستان جي سيڪريٽري صنعت و پيداواري سيف انجم ۽ روس جي واديم ويليچڪو معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاونِ خصوصي هارون اختر خان چيو ته 1971ع ۾ سوويت يونين جي سهڪار سان قائم ڪيل پاڪستان اسٽيل ملز ٻيهر روس سان گڏجي بحال ٿيندي، پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي وزيراعظم شهباز شريف جي ڏسڻيندڙ خواب جي عڪاسي ڪري ٿي. وزيراعظم شهباز شريف جي صنعتي ترقيءَ جي ويزن تحت پاڪستان اسٽيل ملز کي ٻيهر هٿي ڏني ويندي. روس سان معاهدو پاڪستان اسٽيل ملز جي ترقي ۽ صنعتي مستقبل لاءِ هڪ نئين باب جي شروعات آهي. پاڪستان اسٽيل ملز جي جديدڪاري سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ صنعتي پيداواري وڌڻ جي اميد آهي.وفاق جي اهڙي معاهدي سان ملڪ کي صنعتي ترقي سان گڏ ملڪ جي معيشيت کي هٿي ملندي ۽ هي ادارو جديد طور ترقي سان جڙندو ۽ اسان اميد ٿا ڪيون ٿا ته جبري برطرف ڪيل پورهيتن کي بحال ڪري انهن جي تجربي کي آڏو رکندي اسٽيل مل کي هڪ دفعو وري آب ۽ تاب ۾ آندو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.