سعودي عرب ۾ غيرملڪين کي جائيداد خريد ڪرڻ جي اجازت ملي وئي

سعودي عرب جنوري 2026 کان ملڪ ۾ پرڏيهي شهرين کي ملڪيت خريد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.بي بي سي عربي  مطابق، اهڙو فيصلو سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي صدارت هيٺ 8 جولاءِ تي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. سعودي عرب اڳ ۾ پرڏيهين کي ملڪ ۾ ملڪيت خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، پر نئين قانون تحت ماڻهن کي نيون سهولتون ڏنيون وينديون، پر هن ڀيري به سعودي حڪومت هن معاملي تي ڪجهه شرط لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چيو ٿو وڃي تھ اھو فيصلو سعودي عرب ۾ ريئل اسٽيٽ شعبي ۽ معاشي حالتن تي اثر انداز ٿيندو؟

 بي بي سي عربي جي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾، منصات ريئل اسٽيٽ جي سي اي او ۽ تعميراتي شعبي جي ماهر خالد المبيد  جو چوڻ ھو تھ حڪومت جو پرڏيهين کي ملڪيت خريد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو سعودي ولي عهد جي ‘ويزن 2030’ جو حصو آهي، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ سرمايو ۽ پرڏيهي ڪرنسي آڻڻ آهي ته جيئن سعودي رڳو پنھنجي معيشت  تيل تي ڀاڙڻ واري لاڙي کي گھٽائي سگھجي.

نئين فيصلي بابت قاعدا، ضابطا ۽ قانوني، مالي حالتن بابت معلومات سعودي حڪومت جي سرڪاري پليٽ فارم ‘استطلاع ‘ تي شيئر ڪئي ويندي.هاڻي تائين سامهون ايندڙ شرطن مطابق، غير مسلم پرڏيهين کي مڪي ۽ مديني ۾ رهڻ جي اجازت نه هوندي.خالد المبيد جو چوڻ آهي ته کيس اميد آھي ته نئين نظام تحت پرڏيهين کي وڌيڪ سهولتون ڏنيون وينديون، ملڪيت سندن نالي ڪرائڻ  ۽ رجسٽريشن  جو عمل تيز ڪيو ويندو ۽ واضح قاعدا ۽ ضابطا مقرر ڪيا ويندا.

هن فيصلي ۾ نئون ڇا آهي؟ ماضي ۾ پرڏيهين کي صرف سعودي عرب ۾ رهائشي ملڪيت خريد ڪرڻ جي اجازت هئي. جڏهن ته، نئين قانون موجب پرڏيهي هاڻي سعودي عرب ۾ ڪمرشل ۽ صنعتي ملڪيت خريد ڪري سگهندا.ان جو مطلب آهي ته  پرڏيهين کي ريئل اسٽيٽ شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي اجازت هوندي، جيڪا اڳ نھ ھئي.خالد المبيد چوي ٿو ته پراڻي قانون ۾ ڪجهه پيچيده نقطا هئا ۽  رهائشي ملڪيت خريد ڪرڻ لاءِ ضروري اجازت حاصل ڪرڻ ۾ مهينا لڳي ويندا هئا. ” ڇاڪاڻ جو ان وقت ڪو  واضح قاعدو ۽ ضابطو نه هو.“ مثال طور اڳي پرڏيهين کي مڪي ۽ مديني ۾ ملڪيت خريد ڪرڻ جي اجازت نه هئي، پر شايد سعودي حڪومت جي نئين فيصلي کان پوءِ مسلمان پرڏيهين کي انهن ٻنهي شهرن ۾ ملڪيت خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي.

پراڻي قانون تحت ملڪيت خريد ڪندڙ ڪنهن به پرڏيهي کي ملڪ جو قانوني رهائشي هجڻ ضروري هو، جڏهن ته پرڏيهين کي ڪاروباري لائسنس حاصل ڪرڻ جي به ضرورت هئي. خالد المبعيد چوي ٿو ته "اسان کي اڃا تائين اھا خبر ناهي ته نئين نظام تحت غير رهائشي پرڏيهين کي سعودي عرب ۾ ملڪيت خريد ڪرڻ جي اجازت هوندي يا نه.”

 فيصلي جو سعودي شهرين تي ڪھڙو اثر پوندو ؟ ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته ان فيصلي جو سعودي شهرين تي منفي اثر پوندو ڇاڪاڻ ته ان سان ملڪيت جي قيمت ۾ اضافو ٿيندو ۽ سيڙپڪارن ۾ مقابلو وڌندو. اهو سعودي شهرين لاءِ ملڪيت خريد ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري ڪرڻ ڏکيو بڻجندو.سيپٽمبر 2024 ۾ سعودي اخبار ‘اوڪاز’ لکيو ھو  ته سعودي عرب ۾ گذريل پنجن سالن کان مسواڙ ۾ مسلسل اضافو ٿي  رهيو آھي.شماريات کاتي جي ڊيٽا جو حوالو ڏيندي، اوڪاز  جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ھو تھ آگسٽ 2024 ۾ رهائشي مسواڙ ۾ 10.7 سيڪڙو اضافو ٿيو.

تعميراتي ماهر خالد المبعيد بي بي سي اردو کي ٻڌايو ته حڪومت اهو فيصلو ڪندي سعودي شهرين جي مفادن کي ترجيح ڏني آهي.هن وڌيڪ چيو ته نئين نظام تحت،ڪجهه علائقا ‘صرف شهرين’ لاءِ محفوظ ڪيا ويندا.سعودي پريس ايجنسي موجب،بلديات جي معاملن جي وزير ماجد بن عبدالله پڻ تصديق ڪئي آهي ته نئين نظام تحت، سعودي شهرين جي مفادن کي ترجيح ڏني ويندي ۽ مارڪيٽ تي ڪنٽرول کي يقيني بڻائڻ ۽ ريئل اسٽيٽ شعبي ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ هڪ طريقو ٺاهيو ويندو.

 فيصلي جو سعودي معيشت تي ڪهڙو اثر پوندو؟ سعودي عرب ۾ ريئل اسٽيٽ شعبي مان ڪمايل منافعو ملڪ جي جي ڊي پي جو صرف 6.5 سيڪڙو آهي.اهو سوال پيدا ڪري ٿو ته ڇا سعودي عرب کي واقعي هن شعبي کي پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ کولڻ جي ضرورت آهي؟ خالد المبعيد چوي ٿو ته ‘ملڪ هاڻي وڌيڪ پرڪشش ۽ ترقي يافته ٿي چڪو آهي’ ۽ ريئل اسٽيٽ مارڪيٽ هاڻي ‘نئين سيڙپڪارن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي’.هن چيو ته ريئل اسٽيٽ مارڪيٽ سڌي يا اڻ سڌي طرح 80 کان وڌيڪ صنعتن کي هلائي ٿي ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي نوڪريون مُهيا ڪندي. سندس چوڻ ھو تھ نئون فيصلو تعميراتي شعبي ۾ نئين سيڙپڪاري آڻيندو ۽ تيل تي سعودي عرب جو انحصار گهٽائيندو.موجوده حالتن  مطابق سعودي عرب ۾ ملڪيت خريد ڪرڻ لاءِ خريد ڪندڙ وٽ گهٽ ۾ گهٽ 4 ملين ريال هجڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.