سنڌ،پنجاب ۽ بلوچستان سميت مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان

راولپنڊي/ڪوئيٽا(م ڊ)موسميات کاتي راولپنڊي ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي ڪندي خبردار ڪيو آهي ته 15 جولاءِ کان 31 آگسٽ تائين شهر ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي حسن وقار چيمه جو چوڻ آهي ته شهر ۾ فلڊ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ انتظامي ادارن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي، ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا 7 فلڊ رليف ڪيمپس قائم ڪيا آهن، جن ۾ خوراڪ، پاڻي، دوا، رهائش ۽ سيڪيورٽي جون سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن، ان سان گڏ مرڪزي ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويو آهي، حسن وقار چيما چيو ته ريسڪيو 1122، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن،،جڏهن ته ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، هوڏانهن بلوچستان مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي،صوبي جي ڏاکڻين ۽ وچئين علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سبي، ڪوھلو، موسيٰ خيل ۽ بارخان ۾ برسات پئجي سگهي ٿي،موسميات کاتي موجب ڪوئيٽا ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

  1. غزه تي اسرائيل جي بمباري، وڌيڪ 50 فلسطيني شهيد

غزا(م ڊ)غزا تي اسرائيلي فوج جي ظلمن جو سلسلو جاري آهي، تازين وحشيانه حملا ۾ وڌيڪ 50 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، اسرائيلي فوج پاران 40 هوائي حملن جي ويڊيو پڻ جاري ڪئي وئي آهي، جن ۾ رهائشي علائقن، بنيادي سهولتن جي مرڪزن ۽ عام شهرين کي سڌيءَ ريت نشانو بڻائيندي ڏيکاريو ويو آهي، شهيد ٿيندڙن ۾ اهي 10 بيگناهه ماڻهو به شامل آهن، جيڪي پاڻي جي ورهاست واري هنڌ ويجهو بيٺل هئا،اتر غزا جي بيت حانون شهر تي اسرائيلي فورسز انتهائي شديد بمباري ڪئي، جتي تقريباً 50 بم اڇلايا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي تباهي آئي، ٻئي پاسي بيت اللحم جي المنيه ڳوٺ ۾ اسرائيلي آبادڪارن فلسطيني گهرن تي حملو ڪري متعدد خاندانن کي بي گھر ڪري ڇڏيو، غزا جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا مار ڪاررواين دوران اسرائيلي فورسز هڪ پيءُ ۽ پٽ سميت 6 فلسطيني گرفتار ڪري ورتا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.