حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس صدر محمود نواز شاھه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سيد زين شاھه، ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، سيد نديم شاھه، محمد ملوڪ نظاماڻي، اسلم مري،طاھا ميمڻ، يار محمد لغاري، نواز احمد نظاماڻي، علي رضا ميرجت، عبدالجليل نظاماڻي، امير علي ٿيٻو، مصطفيٰ نواز شاھه، مراد علي شاھه بُڪيرائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڻي جي دستيابي جي مسئلن تي بحث ڪيو ويو ۽ مختلف ضلعن مان آيل آبادگارن پاڻي جي صورتحال بابت ڄاڻ ڏني. اجلاس ۾ پاڻي جي ھلندڙ وارابنديءَ تي سخت ڳڻتي ظاھر ڪندي سنڌ آبادگار بورڊ چيو ته ھن مند ۾ به آبادگارن کي پاڻي جي وڏي کوٽ کي منھن ڏيڻو پيو آھي، جون جي آخر ۾ مينهن وسڻ سان ئي فصلن کي پاڻي ملي سگھيو ۽ ان سان فصلن کي ڪجھه سھارو مليو، نه ته آبادگارن کي وڏي پيماني جي کوٽ سان پاڻي ملي رھيو ھو. آبادگارن وڌيڪ چيو ته ھن وقت جڏهن بئراجن تي به پاڻي موجود آهي تڏھن به شاخن ۾ آبادگارن لاءِ وارا بنديءَ جو سلسلو لاڳيتو جاري آھي. اجلاس ۾ سنڌ آبادگار بورڊ گھر ڪئي ته ترت ئي واربندي ختم ڪري شاخن ۾ معمول موجب پاڻي ڇڏيو وڃي. اجلاس ۾ ڦٽين جي فصل تي تفصيلي بحث ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته ڦٽيون خريف جي اهم فصلن مان هڪ آهن جيڪي هڪ پاسي پيداوار جي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيون آهن ته ٻي پاسي انھن جو اگھه ويتر گھٽجي رھيو آھي. ھن وقت آبادگارن کي ڦٽين جو في مڻ اگھه 6300 کان 6800 جي وچ ۾ ملي رھيو آھي. جيڪو ڪنھن به ريت مناسب نه آھي. جڏھن ته ان جي ڀيٽ ۾ پيداواري خرچن ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي. موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ پيچيدگين جي ڪري فصلن کي بچائڻ لاءِ اپائن سبب پڻ انھن جا خرچ وڌي رھيا آھن. انھن سڀني حالتن جي ڪري ڦٽين جو فصل ۽ڪپھه جي پيداوار خطري ۾ نظر اچي رھي آھي۽ جنھن ڪري ايندڙ سالن ۾ان جي پيداوار وڌيڪ گهٽجي سگهي ٿي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ ٻجن تي تحقيق کي ھٿي ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته ٻجن تي تحقيق ۾ خانگي شعبي کي شامل ڪري انھن جي تجربن مان پڻ فائدو ورتو وڃي، سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته هن وقت آبادگار جيت مار دوائن جي ڪمپنين تي ڀاڙين ٿا، محدود صلاحيت ۽ مفادن جي ٽڪراءَ سبب بيمارين جي مناسب تشخيص يا علاج جي وڏي کوٽ آهي جيڪا پيداوار ۾ گهٽتائي جو سبب ٿئي ٿي. ان کان علاوه، اثرائتي ريگيوليٽري نظام جي کوٽ سبب نقلي دوائن جو استعمال پڻ وڌيل آھي، تنهن ڪري ھڪ بھتر ۽ اثرائتو ريگيوليٽري نظام پيداواري سسٽم لاءِ اهم آهي.