پاڪستان جي ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام لاءِ ڍانچائي سڌارا انتهائي اهم آهن: آءِ ايم ايف

نيويارڪ(ع آ نيوز) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ چيو آهي ته وچ اوڀر، اتر آفريڪا ۽ پاڪستان ۾ 2025 ۽ ان کان پوءِ معاشي واڌ جا امڪان وڌيڪ مضبوط ٿيندا.آءِ ايم ايف جي پاڪستان ۾ نمائندي، ماهر بينيچي، سسٽين ايبل ڊولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ ۾ پنهنجي ليڪچر دوران پاڪستان جي معاشي ۽ موسمياتي سڌارن جي ايجنڊا لاءِ فنڊ جي مستقل حمايت جو ٻيهر اظهار ڪيو. ايس ڊي پي آءِ ۾ معاشي ماهرن، محققن ۽ پاليسي سازن سان خطاب ڪندي بينچي چيو ته وچ اوڀر، اتر آفريڪا ۽ پاڪستان ۾ ترقيءَ جي اميد 2025 ۽ ان کان پوءِ وڌيڪ مضبوط آهي. تنهن هوندي به، هن خبردار ڪيو ته وڌندڙ واپاري تڪرار، جاگرفيائي سياسي ورهاست ۽ عالمي تعاون جي کوٽ عالمي معاشي منظرنامي تي غير يقيني صورتحال پيدا ڪري رهي آهي، جنهن ڪري احتياط ۽ اڳڪٿي تي ٻڌل پاليسين جي اشد ضرورت آهي. پاڪستان بابت ڳالهائيندي بينيچي چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام تحت ملڪ جي ڪارڪردگي هينئر تائين مضبوط رهي آهي ۽ مئي 2025 ۾ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاران پهرين جائزي جي ڪامياب مڪمل ٿيڻ کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته شروعاتي پاليسين جي قدمن، خارجي چئلينجن جي باوجود، معاشي استحڪام بحال ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد ٻيهر حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي. بينيچي زور ڀريو ته ڍانچائي سڌارا پاڪستان جي ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام لاءِ انتهائي اهم آهن، خاص طور تي اهي سڌارا جيڪي ٽيڪس نظام ۾ برابري آڻن، ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائن ۽ نجي شعبي جي اڳواڻي ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏين. هن آءِ ايم ايف جي ريزيليئنس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسيلٽي  تحت پاڪستان جي موسمياتي سڌارن جي اڳڀرائي کي به نمايان ڪيو. بينيچي موجب، آر ايس ايف انهن ملڪن جي مدد لاءِ ٺاهيو ويو آهي، جيڪي موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ ۽ عالمي موسمياتي واعدن کي پورو ڪرڻ چاهين ٿا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.