حميرا اصغر جي موت بابت جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم

ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) ڪراچي جي ڊيفنس فيز 6 ۾ اداڪارا حميرا اصغر جو فليٽ مان لاش هٿ اچڻ بعد پوليس اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جيڪا موت جي سبب بابت طبعي، خودڪشي يا قتل جا امڪان پرکيندي. ايس ايس پي سائوٿ ايس پي ڪلفٽن عمران جاگيراڻي جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي ٺاهي آهي جنهن ۾ ايس ڊي پي او ڊفينس، ڊي ايس پي يو ٽي ندا جنيد، ايس ايڇ او گزري فاروق سنجراڻي، سب انسپيڪٽر محمد امجد ۽ آءِ ٽي شعبي مان اهلڪار شامل آهن. پوليس ٽيم حمیرا جا ٽي موبائل فون، ليپ ٽاپ ۽ آءِ پيڊ جو ڊيٽا حاصل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ٻن ماڻهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن ۽ ٻيا ٻه طلب ڪيا ويا آهن. پوليس مطابق جاچ مڪمل شفاف طريقي سان اڳتي وڌي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.