پي ٽي آءِ اڄ کان 90 ڏينهن جي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي، آر يا پار ٿيندي: گنڊاپور

لاهور (م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اعلان ڪيو آهي ته عمران خان جي هدايت تي 90 ڏينهن جي ملڪ گير تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا آر يا پار تائين هلندي، ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته اسان جي حڪومت رهي يا نه رهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته تحريڪ جي اڳواڻي عمران خان پاڻ ڪندو ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ سندس حڪمن جا پابند آهن. علي امين گنڊاپور چيو ته عمران خان قوم کي شعور ڏنو ۽ ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياري جي ڳالهه ڪئي، پر ان جي باوجود پي ٽي آءِ سان ناانصافيون جاري آهن. هن چيو ته عمران خان خلاف ڪو به ڪيس ناهي، ان ڪري ڪا ٻڌڻي نٿي ٿئي. وڏي وزير چيو ته عمران خان ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر رڳو انهن سان جن وٽ اصل اختيار آهي. پريس ڪانفرنس دوران گنڊاپور مولانا فضل الرحمان کي به کليل چئلينج ڏنو ۽ چيو ته مولانا جو مينڊيٽ فارم 47 جو نتيجو آهي، جيڪڏهن هو صحيح آهي ته منهنجي ڀاءُ خلاف چونڊ کٽي ڏيکاري، نه ته سياست ڇڏي ڏئي. هن چيو ته 90 ڏينهن اندر فيصلو ڪرڻو آهي ته سياست ڪجي يا نه، اسين عوام جي لاءِ وڙهي رهيا آهيون، پر اسان خلاف ٻيهر فاشسٽ مهم هلائي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.