ڪراچي ۾ هٿياربند سوناري کان 4 ڪروڙ رپيا ڦر ڪري فرار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مصروف ترين واپاري علائقي طارق روڊ تي فيروز آباد پوليس ٿاڻي جي حد ۾ هڪ سوناري کان 3 ڪروڙ 98 لک رپين جي وڏي ڦرلٽ ٿي، جنهن جو ڪيس متاثر شھري بلال جي شڪايت تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ واقعي کان ڪجهه دير اڳ جوابدارن جي حرڪتن کي رڪارڊ ڪيو ويو هو، مدعي فوٽيج ۾ جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي آهي، جڏهن ته انهن جي سڃاڻپ موٽرسائيڪل ۽ انهن جي ڪپڙن جي رنگ جي مدد سان ڪئي وئي آهي،  واضح رهي ته جڏهن بلال گذريل رات طارق روڊ تي روڪ رقم کڻي پهتو ته ان جو پيڇو ڪندڙ جوابدارن سندس ٿيلهي ۾ موجود پئسا ڦري فرار ٿي ويا، هن چيو ته ڦر ڪيل نقدي 3 ڪروڙ 95 لک  رپين جا هئا، جيڪي هو ڪنهن هنڌ کان آڻي رهيو هو، ايس ايڇ او چيو ته پوليس جوابدارن جي سڃاڻپ ۾ مدد لاءِ واقعي واري هنڌ تي لڳل سي سي ٽي وي فوٽيجز حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان حوالي سان جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.