ڪراچي (رپورٽر) کارا در جي علائقي ۾ زبون قرار ڏئي زبردستي خالي ڪرائي ويل 6 منزلن واري عمارت جا رهواسي ٻئي ڏينهن به بنا سهاري، کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل رهيا، متاثرين جو چوڻ آهي ته عمارت زبون ناهي، اها صرف هڪ بلڊر جي چوڻ تي پوليس جي مدد سان اسان کان زبردستي خالي ڪرائي وئي، هنن مطالبو ڪيو آهي ته عمارت جو صحيح معائنو ڪيو وڃي ۽ مافيا جي سازشن کان کين بچايو وڃي، هنن چيو ته اسان جي عمارت جي ڀرسان جيڪا پراڻي ۽ خالي عمارت آهي، اها واقعي مٽي جو ڍير آهي، پر افسوس سان ادارن ان عمارت جو ئي نوٽيس کڻي اسان جي بلڊنگ لڳايو آهي، صرف 12 ڪلاڪن جي نوٽيس تي اسان کان گهر خالي ڪرايا ويا.