الطاف حسين جي صحت ۾ بهتري، افواهن جي ترديد

لندن (م ڊ) ايم ڪيو ايم لنڊن جي سينيئر اڳواڻ مصطفىٰ عزيز آبادي چيو آهي ته الطاف حسين جي صحت ۾ بهتري اچي  رهي آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پکڙيل افواهن ۾ ڪا صداقت ناهي. هن ٻڌايو ته باني ايم ڪيو ايم جو علاج جاري آهي ۽ کيس ڪا سنجيده بيماري ناهي. رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر قاسم علي موجب، رت جي کوٽ سبب ڊاڪٽرن کيس بلڊ ٽرانسفيوزن جاري رکڻ جي صلاح ڏني آهي. الطاف حسين کي تازو سخت بيماري سبب لنڊن جي اسپتال داخل ڪيو ويو هو، جتي سندس تفصيلي ٽيسٽ ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.