ڪراچي ( رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ جي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته صرف حڪومت ئي نمبر پليٽون جاري ڪري سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته ان وٽ ڊيٽا آهي، جيڪڏهن ڪو روڊ تي يا ڪنهن دڪان ۾ نمبر پليٽون وڪرو ڪري رهيو آهي ته هو ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو آهي، حڪومت چيو آهي ته حفاظت ۽ تحفظ لاءِ نئين نمبر پليٽون لڳائڻ ضروري آهي، ان حوالي سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن مڪيش ڪمار چاولا چيو ته جيڪڏهن عوام طرفان مفت نمبر پليٽون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ته ان کي اختيارين جي سامهون رکيو ويندو، حڪومت جيڪو به فيصلو ڪندي اهو عوام جي بهتري لاءِ هوندو، مڪيش ڪمار چاولا چيو ته اهي نيون نمبر پليٽون سڌو سنئون سيف سٽي سان لاڳاپيل آهن ۽ جيئن ئي سيف سٽي جا ڪيمرا نمبر پليٽون ڪيچ ڪنديون ته اهڙي صورت ۾ ان موٽرسائيڪل يا گاڏي جو سڄو ڊيٽا اسڪرين تي اچي ويندو، ان ڪري جيڪڏهن گاڏي چوري ٿي وڃي ته ان کي ڪنهن به دهشتگرد سرگرمين ۾ استعمال نٿو ڪري سگهجي.