ڪراچي ۾نئين نمبر پليٽ نه هجڻ تي چالان ڪاٽڻ وارو معاملو چئلينج

ڪراچي(رپورٽر) نيون نمبر پليٽس نه هئڻ تي  پوليس پاران چالان ڪٽڻ واري معاملي کي شهري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، درخواست سماجي ڪارڪن فيضان حسين پاران داخل ڪرائي وئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ويو آهي ته ڊي آءِ جي ٽريفڪ پاران پوليس کي نئين نمبر پليٽون لڳائڻ تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ جو چيو هو، ٽريفڪ پوليس پاران نئين نمبر پليٽون لڳائڻ لاءِ آگاهي مهم ۽ سختي سان عملدرآمد ڪرڻ بدران واڌو چالان ڪٽڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، مهانگائي جي دور ۾ واڌو چالان ڀرڻ شهرين لاءِ مشڪل ٿي ويو آهي، عدالت کان استدعا آهي ته پوليس کي موٽرسائيڪلن جو چالان ڪاٽڻ کان روڪيو وڃي، درخواستگذار پاران موٽرسائيڪل جي نمبر پليٽن جي تبديلي کي به عدالت ۾ چيلنج ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.