اهو ممڪن ناهي ته باهه لڳل هجي ۽ اوهان صوبا ٺاهيو

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ پارليامينٽ ۾ گڏيل اپوزيشن اتحاد ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ٿيل اجلاس ۾ ٻنهي جماعتن سميت ٻين اپوزيشن اڳواڻن شرڪت ڪئي، سلمان اڪرم راجا ايندڙ مرحلي ۾ روڊن تي گڏيل جدوجهد جو اشارو ڏئي ڇڏيو، مولانا فضل الرحمان چيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ته پارليامينٽ ۾ گڏيل اپوزيشن قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، جنهن جو مقصد اپوزيشن پاران پارليامينٽ اندر موثر ڪردار ادا ڪرڻ آهي، ٻنهي جماعتن جا اڳواڻ پارٽي قيادت سان مشاورت بعد ايندڙ اجلاس ۾ حتمي فيصلو ڪندا، جي يو آءِ سربراهه چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، ٻه صوبا جنگي صورتحال ۾ آهن ۽ حڪومتي رٽ چئلينج ٿي رهي آهي، شهرين جون زندگيون اجيرن بڻيل آهن، قبائلي علائقن جا واپاري به سخت متاثر ٿي رهيا آهن، پاڪستان جي مغربي سرحد بند هجڻ سبب واپار ۽ ڪاروبار جا موقعا ختم ٿي رهيا آهن، چين به ناراض آهي ۽ پاڪستان پاران ان جي اعتماد کي نقصان پهچايو ويو آهي، ملڪ ۾ باهه لڳل هجي ته صوبن جي ورهاست جون ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، پاڪستان جي ماڻهن کي صوبي جو غلط بيانيو ڏنو پيو وڃي، وزيراعظم چوي ٿو ته تاڙي ٻن هٿن سان وڄندي آهي پر هتي هڪ ئي ٿڦڙ قوم کي لڳي رهيو آهي، سلمان اڪرم راجا چيو ته مولانا فضل الرحمان اهم قدم کنيو آهي، ملڪي حالتون تقاضو ڪن ٿيون ته اپوزيشن گڏجي هلي، جبر ذريعي صوبا قائم نٿا ڪري سگهجن، پارليامينٽ اندر گڏ ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ مرحلو ملڪ جي روڊن تي اپوزيشن اتحاد هوندو، سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ راجه ناصر عباس چيو ته اڄ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ متحد اپوزيشن جو اعلان ڪري رهيا آهيون، قوم آڏو عوام جو موقف رکيو ويندو، خيبرپختونخوا ۾ بدامني وڌائي پئي وڃي ۽ نظام جي ناڪامي جو اعتراف به ڪيو پيو وڃي، اسد قيصر چيو ته سمورن قيدين کي آزاد ڪيو وڃي، حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم جي توهين ڪري ملڪ ۾ جنگل جو قانون هجڻ ثابت ڪري ڇڏيو آهي، صوبن ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي، اجلاس ۾ محمود خان اچڪزئي، راجه ناصر عباس، اسد قيصر، سلمان اڪرم راجا، عامر ڊوگر، جبيد اڪبر، سينيٽر دلاور، شاهد خٽڪ ۽ جي يو آءِ اڳواڻن ڪامران مرتضيٰ ۽ مولانا عبد الواسع شرڪت ڪئي، گڏيل اپوزيشن جي ايندڙ حڪمت عملي بابت وڌيڪ مشاورت جو فيصلو ڪيو ويو.

You might also like