ڪراچي/ حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو، مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، ترجمان اشرف پليجو، فرحان لاڙ، منان شيخ، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، اشفاق چنڙ ۽ ٻين چيو آھي ته ايجوڪيشن سٽي جي نالي ۾ ڪراچي ملير جي قديمي ڳوٺن کي ڊاھڻ دھشتگردي آھي. رات جي اونداھي ۾ پوليس اٽالن ڳوٺ فقير محمد بلوچ تي مدد خاني ڪاھ ڪري بي گھر ڪيو آھي، سنڌ حڪومت بلڊر مافيا جي سرپرست ٿي ڳوٺن کي مسمار ڪري رھي آھي، ٻئي طرف بنگالين، بھارين، افغانين جون ڪالونيون ٺھيل آھن، انھن خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي، ڪراچي ۾ خاصخيلي، جوکيا، ڪلمتي، بڪڪ، برفت، ڪلمتي بلوچ، ۽ ٻيا قبيلا صدين کان آباد آھن، انھن کي تحفظ بدران بي گھر ڪري اسڪول، اوطاقون، مسجدون، باغ، ٻنيون، فصل، گھر مسمار ڪيا ويا آھن، پ پ حڪومت جي ان سنڌ دشمن پاليسين جي مذمت ڪريون ٿا، اڳواڻن چيو ته ڳوٺاڻن کي لڏائڻ جو ڦورن بند ڪري ملوث ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. جن ڳوٺاڻن جا گھر مسمار ڪيا ويا آھن، انھن کي گھر ٺھرائي ڏنا وڃن.