اڄڪلهه اسلام آباد سياسي سرگرمين جو ڳڙهه بڻيل آهي، جتان آئي ڏينهن نيون خبرون، نوان تبصرا ۽ نيون اڳڪٿيون اچي رهيون آهن. ايتري قدر جو پ پ پ جو چيئرمن بلاول ڀٽو جمهوري طريقي سان ن ليگ حڪومت جا ترا ڪڍڻ لاءِ ميدان تي لٿل نظر اچي رهيو آهي. هن نه صرف پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جو علاج ڪرائڻ جي حق ۾ بيان ڏنو، پر پي ٽي آءِ سان قربتون وڌائڻ لاءِ مخالف ڌر جي سمورين پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون آهن، جن ۾ بيريسٽر گوهر، محمود خان اچکزئي ۽ مولانا فضل الرحمان به شامل آهن، جنهن ۾ ن ليگ حڪومت کان جان ڇڏائڻ بابت ڳالهيون ٿيون آهن ۽ ڳالهيون هلندڙ به آهن. سياسي ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول زرداري ڀٽو نئين معاهدي تحت وزيراعظم ٿيڻ لاءِ جاکوڙي پيو، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان هڪ نئون گرينڊ الائنس جوڙڻ جو اشارو ڏنو آهي، اهو ٺهي ٿو يا نه، ان جي اڳتي هلي خبر پوندي.
پ پ پ جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ پارٽي شڪست بعد ن ليگ مٿان سخت ڏمريل نظر اچي ٿو. هن هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي هئي، جنهن ۾ هن واضح اکرن ۾ چيو هو ته پ پ پ هاڻ پارليامينٽ ۾ ڪنهن به حڪومتي بل جي حق ۾ ووٽ نه ڪندي، پر ٽيون ڏينهن ڏٺو ويو ته پ پ پ پارليامينٽ اندر هنگامي طور پيش ٿيل پاڪستان ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026ع ۽ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ترميمي بل 2026ع جي حق ۾ ووٽ ڪيو، جيڪو سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاسن مان اڪثريتي ووٽن سان پاس ٿي ويو، البته مخالف ڌر سخت موقف اختيار ڪندي ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026ع 13 نومبر 2025ع کان لاڳو ٿيندو، جنهن موجب جنرل سيد عاصم منير پنجن سالن لاءِ چيف آف ڊفينس فورسز واري عهدي تي برقرار رهندو. بل پيش ٿيڻ کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف مخالف ڌر جي سيٽن تي وڃي مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچکزئي، بيريسٽر گوهر، اسد قيصر ۽ عامر ڊوگر سان هٿ ملايو، تنهن هوندي به مخالف ڌر ووٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ بنا پنهنجا تحفظات پيش ڪندي ايوان مان هليا ويا.
اسلام آباد ۾ هن وقت جيڪو واءُ گهلي رهيو آهي، ان واءُ ن ليگ ۽ ان جي وفاقي حڪومت کي ڪنهن حد تائين پريشانين جي وڪڙ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ۽ ان جي پهرين شڪست سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي سان سامهون آئي آهي، جنهن ۾ اعليٰ عدالت جي ٽن ججن پنهنجي فيصلي ۾ پي ٽي آءِ جي بيمار قيدي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي علاج لاءِ شفا اسپتال اسلام آباد منتقل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون. جنهن خلاف وفاقي حڪومت فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪئي، پر اها ٽيڪنيڪل بنيادن تحت واپس ڪئي وئي، جنهن به حڪومت کي ٻڏتر ۾ وجهي ڇڏيو، جيڪا وفاقي حڪومت (مطلب ته ن ليگ) جي پهرين وڏي ناڪامي چئجي.
اهي اطلاع آهن ته عمران خان کي ڪالهه آڌي رات کانپوءِ اڊيالا جيل جي ڪال ڪوٺڙي مان ڪڍي الشفا انٽرنيشنل اسپتال اسلام آباد بدران پمز اسپتال وڏي سيڪيورٽي پروٽوڪول سان منتقل ڪيو ويو، جتي الشفا اسپتال جا ڊاڪٽر به موجود هئا. اتي ان جو طبي معائنو ۽ ٽيسٽون ته ٿيون، پر ڪجهه ڪلاڪن اندر فجر مهل کيس ٻيهر اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ کيس هڪ مهيني تائين اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي. وفاقي وزير اطلاعات جي بقول ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران سيڪيورٽي مسئلا پيدا ڪرڻ سبب کيس پمز اسپتال موڪليو ويو. ملڪ جي اها ميڊيا جيڪا عمران خان جو نالو کڻڻ يا تصوير ڏيکارڻ کان خوفزده رهندي هئي، اها پهريون ڀيرو ڪوريج ڪندي نظر آئي، جنهن مان لڳي ٿو ته ايندڙ منظرنامو ڪجهه تبديلي طرف وڃي رهيو آهي.
سياسي ۽ عوامي حلقن جو چوڻ آهي ته عمران خان بيمار هوندي به پاڻ کي ايترو بيمار نٿو سمجهي ۽ هو اسپتال ۾ رهڻ بدران جيل ۾ رهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. بهرحال، سندس ڀينرون جڏهن ڪو بيان ڏين ته سموري خبر پئجي ويندي ته عمران خان جي واپس اڊيالا جيل منتقلي جا ڪهڙا ڪارڻ آهن، پر عدالت عمران خان جي علاج واري معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي منع ڪري چڪي آهي، جنهنڪري به سندس ڀينرون خاموش رهن يا ڪو بيان جاري ڪن. حڪومت عدالتي فيصلي سان ڪا ويساهه گهاتي ته ناهي ڪئي؟ جيڪڏهن ڪا ويساهه گهاتي ٿي آهي ته پي ٽي آءِ توهين عدالت لاءِ به رجوع ڪندي، جنهن جو به چئوٻول هلي پيو. اهو به چيو وڃي ٿو ته عمران خان کي پرڏيهه علاج لاءِ به موڪلي سگهجي ٿو، پر هو پاڻ پرڏيهه وڃڻ خلاف آهي ۽ ملڪ ۾ ئي علاج جو خواهشمند آهي. هو پاڻ کي ميان محمد نواز شريف جيان پنجن روپين جي اقراري بانڊ تحت پرڏيهه وڃڻ جو فيصلو نه ڪندو، جنهن سان سندس سياسي وقار گهٽجي.
اسلام آباد ۾ اهي به خبرون هلي رهيون آهن ۽ ٻڌڻ ۾ پيون اچن ته ن ليگ حڪومت شايد ئي پنهنجو مدو پورو ڪري سگهي. ايندڙ ڪجهه مهينا حتمي فيصلي ۽ تبديلين طرف وڃڻ وارا آهن، جو خود وفاقي حڪومت جو گهرو وزير سيد محسن نقوي ظاهري طور موجوده نظام جي تباهي بابت عالم آشڪار انڪشاف ڪري چڪو آهي، ۽ ان جي بيانن ملڪ جي ماڻهن کي منجهائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي قيام جو ذڪر ڇيڙيو هو. وفاقي وزير جو اهڙو بيان به ڪنهن حڪومتي تبديلي طرف اشارو ڪري ٿو.
اهي به اطلاع آهن ته پي ٽي آءِ قيادت به ڪنهن اهڙي معاهدي لاءِ تيار ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ملڪ ڪنهن نئين تبديلي طرف وڃي سگهي ٿو، جنهن ۾ اقتداري ايوان نون چهرن حوالي ٿي سگهن ٿا. اسلام آباد ۾ اهي به چئوٻول هلي رهيا آهن ته عمران خان کي وڌيڪ علاج جي بهاني پرڏيهه اماڻيو وڃي، جنهن بعد ملڪ ڪنهن نئين سياسي تبديلي طرف قدم رکي. پارليامينٽ مان پاس ٿيل ڊفينس بل به امڪاني تبديلي طرف واضح اشارو آهي.
رهيو سوال بلاول ڀٽو پاران الڳ سياسي لابي ٺاهڻ ۽ وزيراعظم بڻجڻ جو، ته ويجهڙائي ۾ اهڙا آثار نظر نٿا اچن، جو سندس جاري بيانن ۾ تضاد ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيڪو ڪجهه هو بيان ڏئي ٿو، ان جي وضاحت پاڻ گهٽ پر سندس ڪارڪن وڌيڪ ڪري عوامي ذهنن جو رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ته جيئن کيس متضاد بيانن کان آجو ڪرائي سگهجي. بهرحال، جيڪو واءُ اسلام آباد ۾ گهلي رهيو آهي ۽ عدالتي فيصلا اچڻ شروع ٿيا آهن، تن ن ليگ ۽ ان جي اتحادي وفاقي حڪومت کي ٻڏتر ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن مان هو ٻاهر نڪرڻ چاهي ٿي پر شايد ئي نڪري سگهي، ڇو جو ن ليگ حڪومت هن وقت تائين پارليامينٽ مان جيڪي به بل تڪڙا پاس ڪرايا آهن، سي سندس ئي ڳچي ۾ پئجي سگهن ٿا. ڇو جو ماضي جي حڪومتن کي به اهڙن قسمن جا بل ڳچي ۾ پئجي چڪا آهن؛ ڪي ڦاهي چڙهيا، ڪي ملڪ ڇڏي وڃي بي وطن رهيا، ڪي ڪال ڪوٺڙين جي ور چڙهي ويا ته ڪن جون حڪومتون مدو پورو ڪرڻ کان اڳ ختم ٿيون. بهرحال، اسلام آباد ۾ جيڪو واءُ لڳي رهيو آهي، ان جا ڪجهه نه ڪجهه نتيجا ضرور سامهون ايندا.