اسلام آباد (بيورو+پ ر) صدرِ مملڪت آصف علي زرداري سان وفاقي وزير توانائي، منصوبابندي ۽ ترقيات سنڌ ناصر حسين شاهه ايوانِ صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران وزير توانائي صدر کي سنڌ جي توانائي مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني،ناصر حسين شاهه صدر کي آگاهه ڪيو ته صوبي کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجن جو وڏو سبب اهو آهي ته اهم قومي توانائي ادارن، جيئن ته OGDCL ۽ ٻين بجلي فراهم ڪندڙ ادارن ۾ سنڌ جي نمائندگي نه هجڻ ڪري فيصلا صوبي جي مفادن خلاف ٿين ٿا،ناصر شاهه زور ڀريو ته ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ اداري "ڪي اليڪٽرڪ” ۾ صوبي جي حڪومت جي نمائندگي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن عوام کي درپيش مسئلا مؤثر انداز سان حل ڪري سگهجن،هن سنڌ ۾ هڪ خودمختيار ريگيوليٽري اداري، سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (SEPRA)، جي قيام بابت به صدر کي بريفنگ ڏني،ناصر شاهه موجب SEPRA جو مقصد "پنهنجي بجلي، پنهنجو ٽيرف” واري اصول تي عمل ڪندي عوام کي مهانگي بجلي کان نجات ڏيڻ آهي،صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ملڪ جو توانائي حب آهي ۽ ان جي ترقي، سڄي ملڪ جي ترقي جي برابر آهي، هن خاطري ڪرائي ته سنڌ جا توانائي سان لاڳاپيل مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ سڀ تحفظات ختم ڪيا ويندا۔