لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلزپارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽي جي پوٽي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته هو هڪ نئين سياسي پارٽي ٺاهي رهيو آهي جنهن جو باقاعده اعلان جلد ڪيو ويندو. هن چيو ته اٽي لٽي ۽ اجهي جو نعرو اڄ به موجود آهي، اسان کي اڄ وڌيڪ 3 شين بجلي، گيس ۽ پاڻي جي به ضرورت آهي، اسان جو نعرو جيئي عوام هوندو. جونيئر ذوالفقار چيو ته زرداري گروپ جيئي ڀٽو کي ڪرپشن جو نعرو بڻائي ڇڏيو، ڪارپوريٽ فارمنگ، زمينن تي قبضا ڪرڻ جو منصوبو آهي، پنجاب جا هاري ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، اهي پارٽيون اڄ ڪٿي آهن جيڪي هارين جي ڳالهه ڪن ٿيون؟ جيڪڏهن سنڌ جا هاري به پنجاب جيان آواز اٿاريندا ته اهي اسلام آباد ۾ گڏجي هلندا.