پشاور (م ڊ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ تبديلي اسان جي ترجيح آهي، پر اها تبديلي اپوزيشن مان نه، پي ٽي آءِ جي اندر مان اچڻ گهرجي، ڪي پي وڌيڪ سياسي ڪشمڪش جي سٽ سهي نه ٿو سگهي، اسان کي عوام جو ساٿ کپي، بوٽن اڳيان ويهي حڪومت نه گهرنداسين، پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حالتون گهڻيون خراب آهن، تازي خبر ته سدائين بدامني جي ئي هوندي آهي، باجوڙ ۾ اي اين پي ڪارڪن جي شهادت، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ بدامني آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، اسان کي ته اها به خبر آهي ته حڪمران شدت پسندن کي ڀتو ڏيندا آهن ۽ پنهنجا کيسا ڀريندا آهن، هن چيو منهنجي ترجيح آهي ته صوبي ۾ تبديلي اچي، جيڪڏهن پارٽي جي اندران تبديلي اچي ته به ٺيڪ آهي، تبديلي ضروري آهي ڀلي اها ٻاهران اچي يا پارٽي جي اندران، عمران خان جا ٻار پاڪستان اچن ٿا ته ڪو اعتراض ناهي، هن چيو ته اسان کي پڪ آهي ته ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي اڪثريت جعلي آهي، صوبائي حڪومت هجي يا وفاقي، سڀ وڪاميل آهن، اسان بوٽن اڳيان ويهي حڪومت نه گهرنداسين، اسان کي عوام جو ساک کپي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن مان وفاقي حڪومت جي فيصلن سان متفق هجان ها ته ڇا انهن سان گڏ نه هجان ها؟ پي ڊي ايم جو صدر اتي آهي ۽ حڪومت ٻي پاسي، چونڊن ۾ اسيمبلين جا اگهه لڳا، مقصد وڪاميا ويا آهن، ڇا هاڻ مان وڪامندڙ حڪومت جو حصو بڻجان؟ پر جيڪڏهن حڪومت تي جنگ مڙهي وڃي ٿي ته هزارن شڪايتن جي باوجود هڪ قطار ۾ بيهنداسين، عمران خان جي آزادي بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته ڪو به سياستدان جيل ۾ نه هجڻ گهرجي، سياستدان جيل ويندو آهي، تحريڪون آزادي لاءِ نه پر عظيم مقصدن لاءِ هونديون آهن، جيلن مان ٻاهر اچي سياستدان ٺاهه ڪري وٺندا آهن، ڪي پي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي هن چيو ته هي حڪومت ناهي، هي ڀتو ڏيڻ واري حڪومت آهي، هي هٿياربند ماڻهن کي ماهوار ڀتو موڪليندي آهي، تڏهن وڃي اسان ڊيره اسماعيل خان سميت ٻين علائقن ۾ داخل ٿيندا آهيون.