پي ٽي آءِ ترقي جي اڏام کي پٿر هڻي ڪريش ڪرڻ چاهي ٿي: احسن اقبال

لاهور (م ڊ) منصوبا بندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي جي اڏام کي پي ٽي آءِ پٿر هڻي ڪريش ڪرڻ چاهي ٿي پر هاڻ اها اڏام انهن جي پٿرن جي پهچ کان پري هلي وئي آهي، لاهور ۾  ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جو مقدر ڊگهي مدي واري ترقي آهي، پي ٽي آءِ وٽ اهڙو ڪو به هٿيار ناهي جو پاڪستان جي بلندي جي اڏام کي ڪريش ڪري سگهي، پاڪستان جي استحڪام تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪنداسين، رياست ۾ امن ۽ استحڪام ۽ اُڏام جي پاليسي هڪجهڙي آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ ان ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سختي سان منهن ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.