اسلام ڪوٽ (رپورٽ:غازي بجير)مفت بجلي بدران مذاق،اسلام ڪوٽ واسين کي ٿرڪول مان 200 يونٽ بجلي مفت ڏيڻ وارو وڏي وزير جو بيان نسورو ڪوڙ،صرف 546 ميٽرن مان في ميٽر تي ماھوار 800 سئو رپيا ڪٽوتي ٿئي ٿي،سنڌ جي وڏي وزير پاران گذريل ڏينھن ھڪ تقريب دوران وڏي فخر وچان ھڪ دعوئ ڪندي چيو ھو تہ ٿرڪول مان پيدا ٿيندڙ بجلي مان اسلام ڪوٽ واسين کي 200 يونٽ فري ڏنا پيا وڃن پر وڏي وزير جي اھا دعويٰ مڪمل طور تي ڪوڙ تي ٻڌل آھي،اعلانيل بجلي جي مُفت 100 يونٽن بدران في ميٽر تي صرف 800 رپيا ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي،يونٽ فري نه ٿيا آھن،بلاڪ ٽو مان بجلي پيدوار بعد اعلانيل 100 يونٽن بدران صرف 800 سئو روپيا بلن مان ڪٽوتي ڪيا وڃن ٿا،ڪجھ سال اڳ 2019ع ۾ بلاول ڀٽو زرداري پاران اسلام ڪوٽ تعلقي جي اُن وقت جي رجسٽرڊ 546 ميٽر صارفين لاءِ هر مهيني 100 يونٽ مُفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو،بعد ۾ حيسڪو کاتي پاران اُن وقت 100 سئو يونٽن تي قيمت لڳائي 800 مُفت ڪيا ويا هئا،جيڪي هن وقت به ساڳئي رقم 800 ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي ۽ اعلانيل 100 سئو يونٽ نه ٿا ڪاٽيا وڃن،هن وقت يونٽ مهانگو ٿيڻ بعد صرف 800 جي ڪٽوتي سبب عوام کي ڪو به رليف نه ٿو ملي،جڏهن ته حيسڪو عملدارن وڌيڪ نون ميٽرن کي به رڪارڊ تي آڻڻ جي ڪا زحمت ناهي ڪئي،عوام طرفان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته 800 رپين بدران اعلانيل 100 يونٽ مُفت ڪري رليف ڏنو وڃي،جڏھن ته وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاھ طرفان 200 يونٽ مفت ڏيڻ واري ايڏي وڏي ڪوڙي بيان تي ٿر ۾ چٿرون ڪيون پيون وڃن،بيان کي مزاحيا انداز ۾ شيئر ڪيو پيو وڃي،سنڌ واسي سوشل ميڊيا جي صارفن موجب ته وڏي وزير مراد علي شاھ ڀري اسٽيج تي ايڏو وڏو ڪوڙ ھڻي ٿر واسين سان مذاق ڪيو آھي کيس معافي وٺڻ گھرجي،
-
100 يا 200 مفت يونٽ بابت اڻ ڄاڻ آهيان:وڏي وزير جو ترجمان
ڪراچي:وڏي وزير جي ترجمان عوامي آواز جي رابطي ڪرڻ تي چيو آھي ته سنڌ حڪومت ٿر واسين کي مفت ۾ ڏنل يونٽن جي اداٸيگي حيسڪو کي باقاعدگي سان ڪري رھی آھی، ترجمان وڌيڪ چيو تھ ٿر واسين لاء 100 يا 200 يونٽ مفت بجلي ڏيڻ واري اعلان منھنجي علم ۾ ناھي،پر سنڌ حڪومت جي ڪوشش آھي ته ٿرڪول پراجيڪٽ مان ٿر واسين کي وڌ ۾ وڌ سھولتون فراھم ڪري
-
وڏو وزير غلط بياني بدران سهولتون فراهم ڪري:ٿر سٽيزن فورم
مٺي:ٿر سٽيزن فورم ٿر جي ڪوئلي پيدا ٿيندڙ بجلي جي نتيجي ۾ سنڌ جي وڏي وزير پاران اسلام ڪوٽ تعلقي کي هر گهر کي 2 سئو يونٽ بجلي مفت فراهم ڪرڻ واري بيان کي ٿرين سان مذاق قرار ڏنو آهي۔ ٿر سٽيزن فورم جي چيئرمين اوڀايو جوڻيجو، اعجاز بجير، عظمي ابڙينگ، قربان سميجو، جي ايم بجير ۽ ٻين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي اسلام ڪوٽ تعلقي کي في ميٽر تي 2 سئو يونٽ بجلي مفت فراهم ڪرڻ واري موقف بابت وضاحت ڪئي آهي ته حڪومت سنڌ پاران صرف بلاڪ ٽو جي چند ميٽرن جو چند يونٽن جو بل 800 روپيه جي ڇوٽ ڏئي ٿي،هنن چيو ته ٿر ڪول جي ٻن بلاڪن مان ٽن پاور پلانٽن ذريعي 2640 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ فراهم ڪيون پيا نتيجي ۾ ڪول ايريا جي ماڻهو کي فائدو ملڻ بجاء سرڪار اجايا بيان جاري ڪري ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهي آهي،هنن چيو ته ڪوئلي جي ٻنهي بلاڪن مان نڪرندڙ پاڻي ڳوٺ گوڙاڻو جي تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ پاڻي سيپيچ ٿيڻ ڪري هاڻي ماڻهن توڙي جانورن جي زندگي متاثر ٿي رهي آهي ۽ پاڻي جي ڪري زمين بنجر بڻجي ويئي آهي هنن چيو ته پاڪستان ريلوي پاران 105 ڪلوميٽر ريلوي منصوبو ڪوئلو کڻڻ لاء شروع ڪيو ويو آهي پر اتي ماڻهن جي زمين ۽ ڳوٺ متاثر ٿين پيا پر سرڪار اها زمين نه وري ليز تي ورتي آهي ۽ نه وري معاوضي تي ورتي آهي ڳوٺاڻا سراپا احتجاج بڻيل آهن پر مقامي چونڊيل نمائندا توڙي سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آهن، هنن چيو ته ڪول منصوبن لاء سرڪار ٿر بدلي گا پاڪستان جو نعرو ڏنو ويو پر ڪول ايريا جا متاثر اڄ به پنهنجن حقن لاء روڊن تي آهن ۽ روزگار سميت ڪابه سهولت ملي نه سگهي آهي ۽ روزانو جي بنياد تي ايريا جي ماڻهن جي حق تلفي جاري آهي، هنن مطالبو ڪيو ته عوام جي ووٽن سان جڙيل سنڌ حڪومت جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ماڻهن سان غلط بياني ڪري دنيا کي ٻڌائڻ بجاء انهن پاور پلانٽن جي ڀر وارن انهن غريب پورهيتن کي بجلي سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪري ۽ ريلوي لائين، گوڙاڻو ۽ ٻين متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي بنيادي حق ۽ سهولتون ڏئي.
-
حيسڪو جون سنڌ سرڪار تي ڪروڙين رپين جون رهتون
اسلام ڪوٽ:ماھوار 546 ميٽرن لاءِ ھر مھيني 8 لک بل جي مد ۾ حيسڪو جا سنڌ حڪومت تي ڪروڙين روپيا بقايا ھجڻ ج انڪشاف سامھون اچي رھيو آھي،ذريعن موجب ته سنڌ حڪومت پاران اعلانيل سئو يونٽن بدران ماھوار في ميٽر تي 8 سئو ڪٽوتي جي حساب سان ھر مھيني حيسڪو جا سنڌحڪومت تي 8 لک قرض جو چڙھي رھيو آھي ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته سنڌ حڪومت ڪروڙين روپين جي رهتن مان حيسڪو کي ھڪ روپيو به ناھي ڏنو،
-
تعلقي جا 4 هزار ميٽر اڃا به سهولت کان محروم
اسلام ڪوٽ:تعلقي جا اڃان 4 ھزار ميٽر رھيل،جن کي ماھوار مفت 8 سئو روپين جي ڪٽوتي ۾ شامل ناھي ڪيو ويو، جڏھن تہ 2019ع ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٿرڪول بلاڪ ٽو جي دوري دوران اسلام ڪوٽ تعلقي جي بجلي صارفين لاءِ ماھوار 100 يونٽ مفت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو،ان وقت 100 يونٽن جي قيمت صرف 8 سئو روپيا ھئي بعد ۾ حيسڪو اختيارين سئو يونٽ فري ڪرڻ بدران صرف انھي جي ماھوار 8 سئو روپيا قيمت مقرر ڪري رکي جيڪا ماھوار ڪٽوتي ڪئي ويندي آھي،
-
2640 ميگاواٽ بجلي پيداوار باوجود ٿر لاءِ مُفت بجلي خواب بڻيل
اسلام ڪوٽ:ٿرڪول جي بلاڪ ون ۽ ٽو مان 2640 ميگاواٽ بجلي جي پيدوار جي باوجود ٿر لاءِ مُفت بجلي خواب بڻجي وئي آهي،ٻنهي بلاڪن مان بجلي پيداوار جي ڪامياب تجربي بعد اندازن 2400 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ اسٽيشن ڏانهن سپلاءِ جاري آهي،اُها بجلي مٽياري کان فيصل آباد منتقل ٿي رهي آهي،جڏهن ته مُلڪ کي روشن ڪندڙ ٿر مڪمل طور تي اونڌاهي ۾ ٻُڏل آهي،ڪوئلي جي ايريا ۾ ايندڙ ڳوٺن سميت آسپاس جا علائقا بجلي سميت سهوليتن کان وانجهيل آهن ۽ اُنهن علائقن کي هڪ يونٽ به مُفت بجلي فراهم نه ٿي ڪئي وڃي،جڏهن ته اسلام ڪوٽ تعلقي سميت سموري ٿر جي عوام پاران بجلي پيداوار واري ضلعي کي مُفت بجلي فراهم ڪرڻ جي مطالبن کي به ڪا اهميت نه ٿي ڏني وڃي،