ڪوئيٽا/لاهور/اسلام آباد (م ڊ) دهشتگردن ڪوئيٽا کان پنجاب ويندڙ ٻن مسافر بسن مان 9 مسافرن کي سڃاڻپ ڪرڻ کانپوءِ لاهي قتل ڪري ڇڏيو. خميس جي رات زوب ۽ لورالائي سرحد تي سوروڊڪئي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند چيو ته سڃاڻپ ڪري 9 بيگناهه پاڪستانين کي قتل ڪيو ويو، اها هندستاني فتني جي کلي دهشتگردي آهي. مسافر ڪوچن کي سوروڊڪئي واري علائقي ۾ اين 70 هاءِ وي ويجهو ڊپ وٽ روڪيو ويو هو. هٿياربندن 10 ڄڻن کي گاڏين مان لاٿو هو، هڪ مان 7 ۽ ٻي مان 3 کي لاٿو ويو هو. واقعي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو. حملي جي ذميواري بندش پيل تنظيم بلوچستان لبريشن فرنٽ قبول ڪئي وئي، تنظيم چيو هو ته هنن موسيٰ خيل، مکتر ۽ خجوري جي وچ ۾ رستي کي بند ڪري 9 مسافرن کي قتل ڪيو. مارجي ويل 9 مسافرن جو واسطو لاهور، گجرات، خانيوال، گوجرانوالا، لوڌران ۽ مظفر ڳڙهه سان آهي، لوڌران جا 2 سڳا ڀائر جابر ۽ عثمان پيءُ جي جنازي ۾ وڃي رهيا هئا، سندن لاش ڊيرا غازي خان منتقل ڪيا ويا. مارجي ويلن ۾ صابر حسين، محمد آصف، غلام سعيد، محمد جنيد، محمد بلال ۽ بلاول شامل آهن جن جا لاش سندن اباڻن علائقن ڏانهن منتقل ڪيا ويا. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته سڃاڻپ تي معصوم شهرين جو قتل معافي جوڳو ناهي، بيگناهن جو رت ضايع نه ويندو، رياست قاتلن کي زمين جي اندر به لڪڻ نه ڏيندي. بلوچستان دشمنن لاءِ قبرستان بڻجندو، سڀ نيٽ ورڪ تباهه ڪنداسين، عوام جي زخمن جو بدلو وٺنداسين. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته دهشتگردن بدترين ظلم جو مظاهرو ڪيو، شهرين کي نشانو بڻائيندڙ هندستاني فتني جي دهشتگردن جو خاتمو ڪنداسين ۽ سهولتڪارن جي هر سازش قوم جي حمايت سان ناڪام بڻائينداسين. صدر آصف علي زرداري مذمت ڪندي چيو ته اهو ظلم هندستاني فتني جي پاڪستان ۾ رتوڇاڻ جي سازش آهي، پنهنجي ڌرتي کي فتني ۽ سهولتڪارن کان هر صورت پاڪ ڪنداسين. پيپلزپارٽي چيئرمين زوب ۾ مسافر بسن مان 9 شهرين کي لاهي قتل ڪرڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته دهشتگردي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، بيگناهه شهرين جي خون جو حساب وٺنداسين.