هاءِ ڪورٽ پاران شاگردن کي آف لوڊ ڪرڻ واري ڪيس ۾ جواب طلب

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عدنان اقبال چوڌري جي عدالت ۾  ڪراچي کان تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ برطانيا ويندڙ ٻه شاگردن کي آف لوڊ ڪرڻ واري ڪيس ۾ علي حسين ۽ حسين علي ايف آءِ اي جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايف آءِ اي اميگريشن عملدارن کان جواب طلب ڪري ورتو آهي، ڊپٽي اٽارني جنرل پاڪستان خليق احمد جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ ملهت طلب ڪئي آهي، جسٽس عدنان اقبال چوڌري پنهنجي  رمارڪس ۾ چيو ته لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ته خبر پوي ته ڪهڙي سبب جي ڪري شاگردن کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 22جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته ٻئي شاگرد25 جون تي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ برطانيا وڃي رهيا هئا، ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي ائيرپورٽ کان آف لوڊ ڪري ڇڏيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.