حيدرآباد (پ_ر) سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس مرڪزي صدر غلام مصطفي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ڊي ٽين پليجو ھائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڳواڻن چيو ته کنڊ جي اگھ ۾ اضافو ڪرڻ غريب عوام سان ناانصافي آھي. کنڊ جو اگھ گھٽائي 130 روپيا في ڪلو مقرر ڪيو وڃي. حڪمرانن پيٽرول ۽ ڊيزل جو اگھ وڌائي مھنگائي جو بم عوام مٿان ڪيرايو آھي. ملڪ جا حڪمرانن پھرين پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪري انبن ڪيلن ۽ ٻين ميون جا فصل تباھ ڪري ڇڏيا جنھن سان ھارين، آبادگارن ۽ ٺيڪيدارن جو اربين روپين جو نقصان ٿيو آهي. جڏھن سنڌ جي ھاري ۽ آبادگار جو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته حڪومتي مافيائون جنسن جا اگھ ڪيرايو ڇڏين، ھن وقت به ڦٽي جو ريٽ ڪيرائي ساڍا پنج ھزار کان ڇھ ھزار مڻ ڪيو ويو آھي، ان کانسواءِ ڪٽوتي الڳ آھي. ان کان اڳ ٽماٽي، بصر ۽ ڪمند جو اگھ به ڪيرائي ھارين ۽ آبادگارن کي تباھ ڪيو ويو جڏھن ته سرمائيدار جي کنڊ زرعي دوائن ڀاڻ جو اگھ چوٽ چاڙھيو ويو آھي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ھاري تحريڪ طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌو دريا تي ڪئنالن ۽ مھانگائي خلاف ڪي اين شاهه، وارهه، جوهي ۽ ٻين شھرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. اجلاس ۾ اڳواڻن طرفان مختلف ضلعن جي دورن جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ علي نواز ڏاھري، دريا خان زئور، بلاول لاشاري، انور رند، علي نواز عالماڻي، ساگر درس، مظھر ميرجت، شگن ڪولھي، اسماعيل خاصخيلي، نور محمد خاصخيلي، شيخ جمال برهماڻي، يعقوب کوسو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.